سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس،مڪاني کاتي جي سڌارن، صوبي جي 16 لک ايڪڙن کان وڌيڪ ڪچي جي زمين جي جامع سروي ۽ ڊجيٽل ميپنگ، پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ ڊجيٽل گورننس لاءِ ڪيترن ئي قدمن جي منظوري ڏني وئي

ڪراچي -01 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اڱاري ڏينهن صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مڪاني کاتي جي حڪومتن جي سڌارن؛ صوبي اندر اٽڪل 1.61 ملين ايڪڙ ڪچي جي زمين جي 705 ملين رپين جي لاڳت سان جامع سروي ۽ ڊجيٽل ميپنگ؛ ڪڻڪ جي ننڍن آبادگارن لاءِ امدادي پيڪيج جي توثيق؛ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ ٽيڪس ۽ رجسٽريشن جي مراعتن …

ڪراچي -01 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ اڱاري ڏينهن صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ مڪاني کاتي جي حڪومتن جي سڌارن؛ صوبي اندر اٽڪل 1.61 ملين ايڪڙ ڪچي جي زمين جي 705 ملين رپين جي لاڳت سان جامع سروي ۽ ڊجيٽل ميپنگ؛ ڪڻڪ جي ننڍن آبادگارن لاءِ امدادي پيڪيج جي توثيق؛ اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ ٽيڪس ۽ رجسٽريشن جي مراعتن ۾ 2028ع تائين واڌ ۽ ڪڻڪ جي ذخيرن کي مضبوط ڪرڻ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ ڊجيٽل گورننس لاءِ ڪيترن ئي قدمن جي منظوري ڏني وئي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪابينا سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ، 2013ع ۾ ترميمن جي هڪ پيڪيج تي بحث ڪيو جنهن جو مقصد اداراتي ڪارڪردگي، احتساب، چونڊيل ڪائونسلن جي تسلسل ۽ مونسپل سروسز جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. تجويز ڪيل ترميمن ۾ ڪائونسل جو مدو ختم ٿيڻ کان 120 ڏينهن اڳ مقامي حڪومتن جي چونڊن جو عمل شروع ڪرڻ؛ جيڪڏهن چونڊون دير جو شڪار ٿين ته ٻاهر ويندڙ ميئر يا چيئرمين کي بطور ايڊمنسٽريٽر ڪم جاري رکڻ جي اجازت ڏيڻ؛ يونين ڪائونسل ۽ يونين ڪميٽي جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن خلاف عدم اعتماد جي ووٽ لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي جي اڪثريت جي شرط کي متعارف ڪرائڻ ۽ ڊپٽي ميئر يا وائيس چيئرمين کي ڪنوينر جو ڪردار ڏيڻ شامل آهن. هن پيڪيج ۾ پبلڪ سروس انفراسٽرڪچر جي ميپنگ، ڪراچي جي چيف ايگزيڪيوٽو ۽ مستقبل جي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشنز کي ميٽروپوليٽن ڪمشنر طور نامزد ڪرڻ، ۽ ڪميونٽي تڪرارن جي خوش اسلوبي سان حل لاءِ يونين، ٽائون ۽ مونسپل ڪميٽي جي سطحن تي مصلحتي فورمن جو قيام پڻ شامل آهي. غور ويچار کانپوءِ وڏي وزير شرجيل ميمڻ، ناصر شاهه، سعيد غني، ضياءُ الحسن لنجار، ڄام خان شورو، صلاحڪار نجمي عالم ۽ خاص معاون سليم بلوچ تي ٻڌل هڪ ذيلي ڪميٽي جوڙي وئي، جيڪا تجويز ڪيل ترميمن جو جائزو وٺي سنڌ اسيمبلي ۾ موڪلڻ کان اڳ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. ڪابينا ايندڙ صوبائي فنانس ڪميشن ايوارڊ جي تياري ۾ ٽيڪنيڪل مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر اشرف وسطي کي ڇهن مهينن لاءِ انفرادي ڪنسلٽنٽ طور مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني.  ڪنسلٽنٽ حڪومت ۽ مقامي ڪائونسلن وچ ۾ صوبائي وسيلن جي منصفاڻي ورڇ لاءِ مالي تجزيي، وسيلن جي ورڇ جي ماڊلنگ، گذريل ايوارڊن جي جائزي ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت ۾ مدد ڪندو. ڪابينا ربيع 27-2026ع جي سيزن کان اڳ ڪڻڪ جي آبادگارن جي مدد تي خاص ڌيان ڏنو. هن زراعت کاتي جي ننڍن هارين لاءِ هدايت ٿيل ڊي اي پي  سبسڊي جي تجويزن تي غور ڪيو جنهن ۾ انهن آبادگارن لاءِ وڌيڪ مدد شامل آهي جن پنهنجي ڪڻڪ سنڌ فوڊ ڊپارٽمينٽ کي فراهم ڪئي هئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڊي اي پي جي قيمت اٽڪل 17,904 رپيا في ٻوري طئي ڪئي وئي آهي جڏهن ته وفاقي حڪومت پاران 3,500 رپيا في ٻوري سبسڊي تجويز ڪئي وئي هئي، جيڪا لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو جي برابر آهي. ڪابينا فيصلو ڪيو ته جن هارين سنڌ فوڊ ڊپارٽمينٽ کي ڪڻڪ وڪرو ڪئي هئي تن کي سرڪاري خريداري ۾ حصو وٺڻ جي ترغيب طور اضافي سبسڊي ڏني ويندي جڏهن ته ٻين اهل ننڍن آبادگارن کي پڻ هن امدادي پروگرام جي تحت ڪور ڪيو وي. ڪابينا سنڌ هاري مدد پروگرام تحت نئين رجسٽريشن کولڻ ۽ اڳي ئي موجود آبادگارن جي ٻيهر تصديق جي به منظوري ڏني. ان عمل ۾ ڊيجيٽل تصديق ۽ زمين جي ملڪيت جي جانچ شامل هوندي ته جيئن ٻيڻا، غير اهل ۽ فرضي فائدو وٺندڙن کي ختم ڪري سگهجي. زراعت کاتي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته گذريل امدادي پروگرام جي تحت 333,127 آبادگارن کي 27.336 ارب رپين جي ڊي اي پي سبسڊي ورڇي وئي جڏهن ته 314,317 آبادگارن کي 14.428 ارب رپين جي يوريا سبسڊي فراهم ڪئي وئي. هن پروگرام جي نتيجي ۾ 27 دوران ڪڻڪ جي پوکائي 3.086 ملين مان وڌي 3.880 ملين ايڪڙ ۽ پيداوار 3.543 ملين مان وڌي 4.913 ملين ٽن ٿي وئي. ڪابينا ايندڙ ڪڻڪ جي فضل لاءِ گهٽ ۾ گهٽ امدادي قيمت بابت تجويزن جو به جائزو ورتو ۽ هدايت ڪئي ته ذيلي ڪميٽي جون سفارشون ايندڙ ڪابينا اجلاس ۾ پيش ڪيون وڃن. ڪابينا پاسڪو کان 223,455 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري سميت ٽرانسپورٽيشن جي انتظامن جي منظوري ڏني. ان مقدار مان 130,000 ٽن ڪراچي منتقل ڪيا ويندا، 30,000 ٽن کان وڌيڪ حيدرآباد/ڄامشورو منتقل ڪيا ويندا، جڏهن ته شهيد بينظير آباد ۽ سانگهڙ ۾ پاسڪو جي گودامن ۾ اڳي ئي موجود اسٽاڪ شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جي ضرورتن لاءِ اتي ئي برقرار رکيو ويندو. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ جي خريداري لاءِ 23.136 ارب رپيا ۽ ٽرانسپورٽيشن لاءِ 2 ارب رپيا اڳي ئي جاري ڪيا ويا آهن.  ان کانسواءِ ٽي سي پي ذريعي 0.3 ملين ٽن امپورٽ ٿيل ڪڻڪ جي خريداري جي به منظوري ڏني وئي ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ بابت زارت، ٽي سي پي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ هڪ ٽه-ڌريو معاهدو ڪرڻ جي اختيار جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا سنڌ بئنڪ سان ڪموڊٽي فنانسنگ انتظامن ذريعي ايڊوانس ادائگين، پي پي ٻورين جي خريداري ۽ روزانو 5,000 ٽن جي نظرثاني ٿيل پورٽ لفٽنگ ٽارگيٽ جي منظوري ڏني.  وڏي وزير چيو ته انهن قدمن جو مقصد ڪڻڪ جي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ، اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻ ۽ صوبي ۾ غذائي تحفظ جو تحفظ ڪرڻ آهي. ڪابينا بورڊ آف روينيو جي ان تجويز جي منظوري ڏني ته سروي آف پاڪستان ذريعي سنڌ ۾ ڪچي جي زمين جي جامع سروي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ بنيادن تي 705 ملين رپين جي لاڳت سان ڪرائي وڃي.  هي سروي حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن جي 613 ديهن تي مشتمل هوندي، جنهن ۾ اٽڪل 1.61 ملين ايڪڙ ڪچي جي زمين شامل هوندي.  بورڊ آف روينيو ڪابينا کي آگاهه ڪيو ته هن پراجيڪٽ کي اصولي منظوري 31 مارچ 2026ع تي ملي چڪي هئي. بورڊ آف روينيو ۽ سروي آف پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي تي جولاءِ ۾ دستخط ڪيا ويا هئا، پر فنانس ڊپارٽمينٽ جي مشوري کانپوءِ هي تجويز ٻيهر ڪابينا ۾ آندي وئي ڇاڪاڻ ته هي 15.5 مهينن جو پراجيڪٽ مالي 27-2026ع تائين هليو ويندو.  سروي ۾ سيٽلائيٽ تصويرون، جي آئي ايس  ميپنگ، جيوڊيٽڪ ڪنٽرول، ڪيڊسٽرل ۽ پارسل ليول ميپنگ، زمين جي استعمال جي جيو-ٽيگنگ، حدن جي نشاندهي ۽ ملڪيت ۽ زمين جي استعمال جي ڊيٽا گڏ ڪرڻ شامل هوندي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪچي جي زمينن جي درست ميپنگ شفاف زمين جي انتظاميه، ماحولياتي تحفظ، اثرائتي رٿابندي ۽ غير قانوني قبضا ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. هن بورڊ آف روينيو ۽ سروي آف پاڪستان کي هدايت ڪئي ته اها مشق طئي ٿيل وقت اندر مڪمل ڪئي وڃي ۽ گڏوگڏ درستگي ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا غير تجارتي اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ ٽيڪس ۽ رجسٽريشن جي مراعتن ۾ ٻن سالن جي واڌ جي منظوري ڏني جيڪا 30 مئي 2026ع کان 29 مئي 2028ع تائين هوندي. منظور ٿيل پيڪيج تحت، غير تجارتي اي ويز  جي رجسٽريشن فيس 1,000 رپيا رهندي، جڏهن ته ساليانو موٽر گاڏي ٽيڪس 500 رپيا هوندو. 2000 سي سي ۽ ان کان مٿي جي برابر اي ويز تي 5,000 رپيا لگزري ٽيڪس لاڳو ٿيندو جڏهن ته اليڪٽرڪ موٽرسائيڪلن تي هڪ ڀيرو لائف ٽائيم موٽر گاڏي ٽيڪس 500 رپيا هوند. دير سان رجسٽريشن جي سزا (پينلٽي) 1,000 رپيا طئي ڪئي وئي آهي. وڏي وزير چيو ته انهن مراعتن جو مقصد پاڪ صاف ٽرانسپورٽيشن ڏانهن منتقلي کي تيز ڪرڻ، ڪاربان جي اخراج کي گهٽائڻ ۽ شهرن جي هوا جي معيار کي بهتر بڻائڻ آهي. ڪابينا سنڌ سڪريٽريٽ انسٽرڪشنز، 2014ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏني ته جيئن سرڪاري ڪم ڪار جي سرڪاري نظام ۾ اي- دفتر ۽ اي-ڪابينا کي باقاعده شامل ڪري سگهجي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته اي-آفيس ڪاغذي فائلن جي چرپر ۽ پروسيسنگ کي ڊيجيٽل نظام سان تبديل ڪندو جنهن ۾ لک پڙهه، منظورين، نوٽنگ، سمرين، نوٽيفڪيشنز، آرڊرن ۽ دستاويزن جو آرڪائيونگ شامل هوندو.  هي نظام 10 کاتن ۾ شروع ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته جنرل ايڊمنسٽريشن ونگ ۾ هڪ ٽيسٽ رن اڳي ئي هلي رهيو آهي. وڏي وزير سرڪاري ڪاروبار کي پيپر ليس (ڪاغذ کان پاڪ)، شفاف ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فيصلي سازي ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ڪابينا سنڌ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (سيڪنڊ امينڊمينٽ) بل، 2026ع جي منظوري ڏني جنهن سان موجوده پي پي پي يونٽ کي مڪمل طور تي سرڪاري ملڪيت واري هڪ پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني ۾ تبديل ڪري سگهبو، جنهن جو نالو سنڌ پي پي پي (پرائيويٽ) لميٽيڊ هوندو. ترميمن تحت موجوده يونٽ جا ڪم، اختيار، اسٽاف، معاهدا، رڪارڊ ۽ جاري ڪارروايون نئين ڪمپني ڏانهن منتقل ڪيون وينديون۔ هن نئين جوڙجڪ جو مقصد آپريشنل ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ، کاتن جي پي پي پي جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ ۽ پراجيڪٽ جي پهچائڻ کي تيز ڪرڻ آهي. ڪابينا حيدرآباد، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ انٽيليجنس بيورو کي پنهنجا آفيسون قائم ڪرڻ لاءِ 99 سالن جي ليز تي سرڪاري زمين جي الاٽمينٽ جي منظوري ڏني. ان کانسواءِ مڪيش چاولا جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي جنهن ۾ راجوير سنگهه ۽ شام سندر ميمبر هوندا، جيڪا ٿرپارڪر ۾ چوريئو مندر جي آسپاس ٽي ايڪڙ سرڪاري زمين جي ريزرويشن/الاٽمينٽ جي درخواست جو جائزو وٺندي جنهن ۾ چئن ديواري، سيڪيورٽي انتظام، پهچ وارا رستا، ياترين جي رهائش، پارڪنگ، پيئڻ جو پاڻي ۽ صفائي سٿرائي سميت سهولتون شامل آهن۔ هي زمين ڪميٽي پاران رپورٽ پيش ڪرڻ کانپوءِ الاٽ ڪئي ويندي۔