نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

اسلام آباد - پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ڪارائتي ۽ تعميراتي ملاقات ڪئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي 2027 – 2026ع جي لاءِ تنظيم جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئرمين شپ دوران پاڪستان جي ترجيحن …

اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ڪارائتي ۽ تعميراتي ملاقات ڪئي. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان کي 2027 – 2026ع جي لاءِ تنظيم جي چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شنگهائي تعاون تنظيم جي چيئرمين شپ دوران پاڪستان جي ترجيحن ۽ تجويز ڪيل حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي ترجيحن جي حمايت جو اظهار ڪندي يقين ڏياريو ته شنگهائي تعاون تنظيم جو سيڪريٽريٽ پاڪستان جي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مڪمل تعاون ڪندو. ٻنهي طرفن کان ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته پاڪستان جي چيئرمين شپ دوران ويجهو رابطو برقرار رکيو ويندو ۽ گڏيل ڪوششن ۾ موثر تعاون ۽ رابطا جاري رکيا ويندا. ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي لاءِ نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد فيصل پڻ شريڪ هئا.