سيڪيورٽي فورسز پاران چاغي ۽ پشين ۾ مختلف واقعن ۾ جوابي ڪارروائي، ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 21 دهشتگرد جهنم ڀيڙا

راولپنڊي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن چاغي ۽ پشين ۾ مختلف واقعن ۾ جوابي ڪارروائي دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 21 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو.  پاڪ فوج جي سڌسماءَ واري شعبي(آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب 31 آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جي وچ واري رات ضلعي چاغي جي علائقي نوڪچا ۽ ضلعي پشين جي …

راولپنڊي- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي ضلعن چاغي ۽ پشين ۾ مختلف واقعن ۾ جوابي ڪارروائي دوران ڀارتي حمايت يافته فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 21 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو.  پاڪ فوج جي سڌسماءَ واري شعبي(آءِ ايس پي آر) مان جاري بيان موجب 31 آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جي وچ واري رات ضلعي چاغي جي علائقي نوڪچا ۽ ضلعي پشين جي علائقي زيارت ڪراس ۾ پيش آيل مختلف واقعن دوران سيڪيورٽي فورسز جي موثر جوابي ڪارروائي جي نتيجي ۾ فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي ڀارتي پراڪسيز سان تعلق رکندڙ 21 دهشتگردن کي جهنم حوالي ڪري ڇڏيو. 31 آگسٽ تي فتنه الهندستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن ڀتاخوري لاءِ غير قانوني چوڪي قائم ڪري اين 40-  ڪوئيٽا – تفتان هاءِ وي تي مسافرن جي پرامن آمدرفت ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي. سيڪيورٽي فورسز فوري رد عمل ظاهر ڪيو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 11 دهشتگردن کي موقعي تي ئي ماري ڇڏيو. دهشتگردن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار، گولابارود ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو. 31 آگسٽ ۽ پهرين سيپٽمبر جي وچ واري رات ، فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ دهشتگردن ڪسٽمز هائوس ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ۾ هڪ جامع حملو ڪيو، سيڪيورٽي فورسز موثر جوابي ڪارروائي ڪئي ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. فرار ٿي ويل دهشتگردن جو به سيڪيورٽي فورسز پيڇو ڪيو ۽ کين وڌيڪ جاني نقصان پهچايو. ڪسٽمز هائوس تي حملو دهشتگردي ۽ ڏوهن جي ڳٺ جوڙ جو مظهر هو جنهن جو مقصد ڪسٽمز عملدارن کي ان جي قانوني فرضن جي ادائيگي کان روڪڻ ۽ اهڙي طرح علائقي ۾ ڏوهاري سرگرمين جي تسلسل کي ممڪن بڻائڻ هو تنهن هوندي به فائرنگ جي ڏي وٺ دوران وطن جي 6 بهادر پٽن فرضن جي ادائيگي دوران پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ۽ شهادت جو رتبو ماڻيو جن ۾ ٻه آفيسر ۽ ڪسٽمز ڊپارٽمينٽ جو هڪ سرڪاري اهلڪار به شامل هو. ويجهن علائقن ۾ سينيٽائيزيشن آپريشنز، جاري آهن ته جيئن ڪنهن به باقي رهيل دهشتگرد جو خاتمو ڪري سگهجي ۽ مقامي آبادي سان گڏوگڏ اهم قومي شاهراهن جي تحفظ ۽ سلامتي کي يقيني بڻائي سگهجي. نيشنل ايڪشن پلان تي وفاقي اپيڪس ڪميٽي طرفان منظور ٿيل ”عزم استحڪام“ جي ويزن تحت دهشتگردي خلاف جاري مسلسل مهم پوري عزم ۽ استقلال سان جاري رهندي. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان پرڏيهي پٺڀرائي ۽ حمايت يافته دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.