جدت پسندي کي هٿي ڏيندڙ ذميوار، شفاف ۽ منظم ڊجيٽل اثاثن جي نظام کي تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب مناسب حفاظتي قدمن کي برقرار رکندي جدت پسندي کي هٿي ڏيندڙ ذميوار، شفاف ۽ منظم ڊجيٽل اثاثن جي نظام کي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن هتي پاڪستان ورچوئل اسيٽس ريگوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب سان ملاقات ۾ چئي. بلال بن ثاقب ناڻي واري وزير کي پنهنجي تازي …

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب مناسب حفاظتي قدمن کي برقرار رکندي جدت پسندي کي هٿي ڏيندڙ ذميوار، شفاف ۽ منظم ڊجيٽل اثاثن جي نظام کي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. هن اها ڳالهه اڱاري ڏينهن هتي پاڪستان ورچوئل اسيٽس ريگوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين بلال بن ثاقب سان ملاقات ۾ چئي. بلال بن ثاقب ناڻي واري وزير کي پنهنجي تازي هانگ ڪانگ جي دوري ۽ اتي ٿيل مصروفيتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني. بلال بن ثاقب ناڻي واري وزير کي هانگ ڪانگ جي پاليسي سازن ۽ لاڳاپيل ادارن سميت فنانشل سروسز اينڊ ٽريزري بيورو، هانگ ڪانگ مانيٽري اٿارٽي ۽ سيڪيورٽيز اينڊ فيوچرز ڪميشن سان ٿيل تعميري ڳالهين کان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته انهن ملاقاتن ۾ پاڪستان لاءِ موزون معلومات جي ڏي وٺ، تجربن ۽ ڪامياب ڪاروباري ماڊلز تي غور ڪيو ويو. ڳالهين جو محور ورچوئل اثاثن ۽ ڊجيٽل فنانس جي شعبي ۾ اڀرندڙ موقعا هئا جن ۾ مالياتي منڊين ۾ بلاڪ چين ۽ ٽوڪنائزيشن ٽيڪنالاجيز جي امڪاني استعمال تي خاص طور تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان کانسواءِ ڊجيٽل اثاثن، اسٽيبل ڪوائنز، ريگوليٽري قانونن جي پاسداري ۽ ڊجيٽل مالياتي بنيادي ڍانچي بابت عالمي طريقن جو به جائزو ورتو ويو. پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگوليٽري اٿارٽي جي چيئرمين ناڻي واري وزير کي هانگ ڪانگ جي پاليسي سازن سان ٿيل ڳالهين دوران سامهون آيل اهم نڪتن ۽ تجربن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان ۾ ورچوئل اثاثن جي اڀرندڙ نظام لاءِ ان جي اهميت ۽ افاديت تي روشني وڌي. هن ڊجيٽل مالياتي موضوعن، ٽوڪنائيزيشن ۽ اداره جاتي تعاون جي امڪاني شعبن تي به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير بريفنگ کي ساراهيو ۽ اهڙي ذميوار، شفاف ۽ منظم ڊجيٽل اثاثن جي نظام کي تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو جيڪو مناسب حفاظتي قدمن کي برقرار رکندي جدت پسندي کي هٿي ڏي.