اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته حڪومت اڻلڀ، روايتي ۽ ختم ٿيڻ جي خطري جي ور چڙهيل فنون کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ يونيسڪو جي تعاون سان به ڪوششون جاري آهن، فنون لطيفه ۽ روايتي دستڪارين سان لاڳاپيل فنڪار پاڪستان جو قيمتي ثقافتي …
اڻلڀ ۽ ختم ٿيڻ جي خطري جي ور چڙهيل فنون جي تحفظ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون: اورنگزيب خان کچي

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير اورنگزيب خان کچي چيو آهي ته حڪومت اڻلڀ، روايتي ۽ ختم ٿيڻ جي خطري جي ور چڙهيل فنون کي محفوظ بڻائڻ ۽ کين ايندڙ نسلن تائين منتقل ڪرڻ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ يونيسڪو جي تعاون سان به ڪوششون جاري آهن، فنون لطيفه ۽ روايتي دستڪارين سان لاڳاپيل فنڪار پاڪستان جو قيمتي ثقافتي اثاثو آهن، جن جي فن کي زنده رکڻ قومي ذميواري آهي. هن اها ڳالهه لوڪ ورثه ۽ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس (پي اين سي اي) جي نيشنل ايوارڊز 2026ع لاءِ نامزد فنڪارن سان ملاقات دوران چئي. هن ايوارڊ لاءِ چونڊيل سمورن فنڪارن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اهو اعزاز نه رڳو سندن لاءِ پر انهن جي خاندان، لاڳاپيل شعبا ۽ پوري ملڪ لاءِ فخر جو سبب آهي. هن چيو ته سمورا نامزد فنڪار ميرٽ ۽ پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي ان اعزاز جا مستحق قرار ڏنا ويا آهن. وفاقي وزير چيو ته هن ڀيري نوجوان فنڪارن کي به وڏي تعداد ۾ نيشنل ايوارڊز لاءِ چونڊيو ويو آهي ۽ وزيراعظم جي ويزن تحت هي قدم نوجوان نسل ۾ فنون ۽ ثقافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهم آهي. هن چيو ته فنڪار پنهنجي پنهنجي فن کي زنده رکن ۽ ان کي نئين نسل تائين منتقل ڪن ته جيئن صديون پراڻي ناياب فنون، روايتي هنر ۽ ثقافتي ورثو وقت سان ختم نه ٿئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ناياب ۽ ختم ٿيڻ جي ويجهو فنون رڳو فنون نه پر اسان جي سڃاڻپ، تاريخ ۽ تهذيبي ورثي جو حصو آهن، ان فنون جي تحفظ، دستاويز بندي ۽ نئين نسل کي منتقلي لاءِ قومي ورثه ۽ ثقافت واري وزارت، لوڪ ورثه ۽ پي اين سي اي ذريعي قدم وڌيڪ موثر بڻايا ويندا. اورنگزيب خان کچي فنڪارن تي زور ڀريو ته هو لوڪ ورثه ۽ پي اين سي اي جي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندا ۽ پنهنجي فن جو عملي مظاهرو ڪن ته جيئن عوام کي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موجود منفرد ۽ ناياب فنون کان آگاهي حاصل ٿئي. هن چيو ته حڪومت فنڪارن کي پرڏيهه پاڪستان جي نمائندگي جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ به سندن نالن کي سامهون رکندي.











