اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 65 هزار 336 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 65 هزار 3 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 686 رپين جي گهٽتائي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 800 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 800 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 65 هزار 336 رپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 800 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 65 هزار 3 سؤ 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 686 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 99 هزار 636 رپين مان گهٽجي 3 لک 98 هزار 950 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 66 هزار 346 رپين مان گهٽجي 3 لک 65 هزار 717 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چانديءَ جي قيمت 50 روپين جي گهٽتائي کانپوءَ 7129 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 43 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6111 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4436 ڊالرز مان گهٽجي 4428 ڊالرز ٿي وئي.











