ملڪ ۾ سيمينٽ جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 3 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 3 سيڪڙو جو اضافو، جڏهن ته روانگي واپار ۾ 18 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. آل پاڪستان سيمينٽ مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جي انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ سيمينٽ جي مقامي کپت جو ڪاٿو 6.74 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل …

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ سيمينٽ جي وڪري ۾ جاري مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ساليانو بنيادن تي 3 سيڪڙو جو اضافو، جڏهن ته روانگي واپار ۾ 18 سيڪڙو جي گهٽتائي رڪارڊ ٿي آهي. آل پاڪستان سيمينٽ مينوفيڪچرز ايسوسيئيشن جي انگن اکرن مطابق مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ سيمينٽ جي مقامي کپت جو ڪاٿو 6.74 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ سيمينٽ جي مقامي کپت جو ڳاڻيٽو 6.54 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾5.50 ملين ٽن، جڏهن ته ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ 1.25 ملين ٽن جو وڪرو ٿيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي جي ڀيٽ ۾ ترتيب وار 3 ۽ 6 سيڪڙو وڌيڪ آهي. گذريل مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ ملڪ جي اترئين شهرن ۽ علائقن ۾5.36 ملين ٽن ۽ ڏاکڻين شهرن ۽ علائقن ۾ 1.18 ملين ٽن سيمينٽ جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سال جي شروعاتي 2 مهينن ۾ 1.43 ملين ٽن سيمينٽ جي روانگي واپار رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 18 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل مالي سال جي ساڳئي مدي ۾ ملڪ مان 1.76 ملين ٽن سيمينٽ جي روانگي واپار رڪارڊ ڪيو ويو هو.