پاڪستان پاران عالمي ڪيپٽل مارڪيٽ ۾ نئون يورو بانڊ جاري

اسلام آباد - 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، عالمي ڪيپٽل مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر ۾ نئون يورو بانڊ جاري ڪرڻ جو عمل باقاعده شروع ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد اڱاري ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ناڻي وزارت آمريڪي ڊالر ۾ نئون يورو بانڊ جاري ڪرڻ جو عمل باقاعده شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان مارڪيٽ جي صورتحال جي تناظر ۾ ڊگهي …

اسلام آباد – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، عالمي ڪيپٽل مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر ۾ نئون يورو بانڊ جاري ڪرڻ جو عمل باقاعده شروع ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد اڱاري ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ناڻي وزارت آمريڪي ڊالر ۾ نئون يورو بانڊ جاري ڪرڻ جو عمل باقاعده شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان مارڪيٽ جي صورتحال جي تناظر ۾ ڊگهي مدي واري 5 ۽ 10 سالن واري مدي جي ٻٽي قسط جي بينچ مارڪ يورو بانڊز جي آڇ جاري ڪئي آهي. هن ٻڌايو ته معيشت جي حوالي سان اها اڳڀرائي جڏهن ويجهڙ ۾ پاڪستان جي خود مختيار ڪريڊٽ ريٽنگز ۾ لڳاتار بهتري کانپوءِ سامهون آئي آهي. هن چيو ته اهو قدم ملڪ جي مضبوط معاشي بنيادي اصولن ۽ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جو چٽو ثبوت آهي جنهن سان پاڪستان لاءِ عالمي ڪيپٽل مارڪيٽس جا دروازا هڪ ڀيرو ٻيهر کلي ويا آهن.