صدر پاران بلوچستان جي علائقن چاغي ۽ پشين ۾ 21 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد - پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقن چاغي ۽ پشين ۾ 21 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪسٽمز هائوس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ ۽ ڪوئيٽا – تفتان هاءِ وي تي دهشتگردن پاران غيرقانوني چيڪ پوسٽ قائم ڪري مسافرن جي …

اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي علائقن چاغي ۽ پشين ۾ 21 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڪسٽمز هائوس تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ ۽ ڪوئيٽا – تفتان هاءِ وي تي دهشتگردن پاران غيرقانوني چيڪ پوسٽ قائم ڪري مسافرن جي چرپر متاثر ڪرڻ جون ڪوششون ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. صدر فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي خلاف موثر ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. صدر دهشتگردي جي خلاف ڪارروائي دوران ٻن آفيسرن ۽ ڪسٽمز جي هڪ اهلڪار سميت 6 بهادر جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته شهيدن فرض جي ادائيگي دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري ملڪ جي دفاع جو عظيم مثال قائم ڪيو آهي.