بشڪيڪ - پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ نوڪچه، چاغي ۽ زيارت ڪراس ۽ پشين ۾ مختلف آپريشنز ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي 21 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪسٽمز هائوس تي دهشتگرد حملي ۾ ڪسٽمز جي 2 آفيسرن ۽ هڪ اهلڪار سميت 6 …
وزيراعظم پاران بلوچستان ۾ 21 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
بشڪيڪ – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ نوڪچه، چاغي ۽ زيارت ڪراس ۽ پشين ۾ مختلف آپريشنز ۾ فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي 21 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪسٽمز هائوس تي دهشتگرد حملي ۾ ڪسٽمز جي 2 آفيسرن ۽ هڪ اهلڪار سميت 6 بهادر جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته شهيدن جي خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ اسان جي جوانن جون قربانيون هرگز رائيگان نه وينديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.











