ايس سي او ترقي ۽ مضبوطي جي نئين منزل طئي ڪندي رهندي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايس سي او ترقي ۽ مضبوطي جي نئين منزل طئي ڪندي رهندي ۽ پنهنجي ٽي ارب کان وڌيڪ عوام جي زندگين ۾ بامعنى ۽ مثبت بهتري آڻيندي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته کيس ان ڳالهه تي فخر آهي ته پاڪستان پاران 2027ع جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم …

بشڪيڪ- پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ايس سي او ترقي ۽ مضبوطي جي نئين منزل طئي ڪندي رهندي ۽ پنهنجي ٽي ارب کان وڌيڪ عوام جي زندگين ۾ بامعنى ۽ مثبت بهتري آڻيندي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته کيس ان ڳالهه تي فخر آهي ته پاڪستان پاران 2027ع جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي چيئرمين شپ سنڀالڻ جي موقعي تي کيس بشڪيڪ ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس کي خطاب جو اعزاز حاصل ٿيو. هن ڪامياب سربراهه اجلاس جي انعقاد ۽ تنظيم جي منفرد انداز ۾ قيادت ڪرڻ تي ڪرغز جمهوريه کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته شنگهائي اسپرٽ جي رهنمائي ۾ ايس سي او گذريل 25 سالن دوران علائقائي تعاون جي هڪ اهم فورم جي طور تي اڀري آهي. وزيراعظم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي بي پناهه قربانين جو ذڪر ڪندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي جي هر شڪل ۽ هر صورت ۾ مذمت ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هن ايس سي او ملڪن کي اهو به ياد ڏياريو ته پاڻي اسان جي خطي جي شهه رڳ آهي، ان کي ڪڏهن به هٿيار جي طور تي استعمال نه ڪرڻ گهرجي ۽ گڏيل پاڻي وسيلن بابت معاهدن جي روح موجب پاسداري ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پنهنجي چيئرمين شپ “ويزن کي عمل ۾ بدلائڻ: رابطاڪاري، جدت ۽ گڏيل خوشحالي” جي عنوان تحت سرانجام ڏيندو. هن چيو ته کيس يقين آهي ته ايس سي او ترقي ۽ مضبوطي جي نئين منزل طئي ڪندي رهندي ۽ پنهنجي ٽي ارب کان وڌيڪ عوام جي زندگين ۾ بامعنى ۽ مثبت بهتري آڻيندي.