اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ شراڪتداري جو ايندڙ مرحلو روانگي واپار، جديد زراعت ۽ ناليج اڪانومي کي هٿي ڏيڻ ذريعي پاڪستان کي معاشي طور خودمختيار بڻائڻ تي هوندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري دوران طئي ٿيل پنج سالن واري ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو …
پاڪ چين اسٽريٽجڪ شراڪتداري جو ايندڙ مرحلو معاشي طور پاڻ ڀاڙڻ جو بنياد رکندو: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي، ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ شراڪتداري جو ايندڙ مرحلو روانگي واپار، جديد زراعت ۽ ناليج اڪانومي کي هٿي ڏيڻ ذريعي پاڪستان کي معاشي طور خودمختيار بڻائڻ تي هوندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي دوري دوران طئي ٿيل پنج سالن واري ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي جائزه اجلاس ۾ اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. سي پيڪ فيز ٽو ۽ اڏام پاڪستان فريم ورڪ ملڪ جي صنعتي ۽ معاشي ترقي جو اهم ٿنڀ آهن. وفاقي وزير چيو ته حڪومت نوجوان نسل کي جديد آءِ ٽي هنر سان ليس ڪرڻ سان گڏوگڏ جديد زرعي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ تي به خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. چين جي تعاون سان هڪ هزار نوجوانن کي جديد زرعي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي جي تربيت لاءِ موڪليو ويو آهي. جنهن جو مقصد موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ گرين ريووليوشن 2.0 جو بنياد رکڻ آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي، سياسي استحڪام ۽ قومي يڪجهتي پاڪستان کي هڪ ٽريلين ڊالر جي معيشت بڻائڻ لاءِ بنيادي اهميت رکن ٿا.











