اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي ڪيپٽن عبيد جي شهادت تي دلي طور افسوس ٿيو آهي، وطن جي دفاع ۽ امن لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندڙ ان بهادر سپوت کي پوري قوم سلام پيش ڪريٿي. اڱاري تي ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪارروائي ۾ …
چاغي ۾ دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي ڪيپٽن عبيد شهيد کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته بلوچستان جي علائقي چاغي ۾ دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي ڪيپٽن عبيد جي شهادت تي دلي طور افسوس ٿيو آهي، وطن جي دفاع ۽ امن لاءِ پنهنجي جان قربان ڪندڙ ان بهادر سپوت کي پوري قوم سلام پيش ڪريٿي. اڱاري تي ”ايڪس“ تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڪارروائي ۾ 18 دهشتگردن کي مارڻ اسان جي بهادر سيڪيورٽي فورسز جي پختي عزم، جرئت ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن جو واضح ثبوت آهي. سندس چوڻ هو ته ڪيپٽن عبيد شهيد جي خاندان سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيان ٿو. الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي، پونئرن کي صبر عطا ڪري ۽ وطن عزيز جي حفاظت تي مقرر سمورن جوانن کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون اسان لاءِ فخر آهن، پاڪستان جي سلامتي، امن ۽ استحڪام لاءِ پوري قوم بهادر فوج ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











