وزيراعظم پاران شروع ڪيل پنهنجو گهر پروگرام تيزي سان ڪاميابي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد - 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته ملڪ ۾ گهٽ آمدني واري طبقي کي ڇت جي فراهمي ۽ معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم پاران شروع ڪيل پنهنجو گهر پروگرام تيزي سان ڪاميابي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، اهو هاڻي هڪ خاندان لاءِ ڇت، ڪاروبارن لاءِ منافعو، پورهيتن لاءِ روزگار ۽ مجموعي طور پاڪستان جي پائيدار ۽ …

اسلام آباد – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي، ته ملڪ ۾ گهٽ آمدني واري طبقي کي ڇت جي فراهمي ۽ معاشي سرگرمين کي تيز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم پاران شروع ڪيل پنهنجو گهر پروگرام تيزي سان ڪاميابي جون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، اهو هاڻي هڪ خاندان لاءِ ڇت، ڪاروبارن لاءِ منافعو، پورهيتن لاءِ روزگار ۽ مجموعي طور پاڪستان جي پائيدار ۽ جامع معاشي ترقي جو ضامن بڻجي چڪو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جون 2026ع کان پوءِ ان اسڪيم تحت هائوسنگ فنانسنگ جي فراهمي ۽ اڏاوتي شعبي ۾ تاريخي اڳڀرائي ڏسڻ ۾ آئي آهي جنهن ملڪ جي اقتصادي منظرنامي کي نئون رخ ڏنو آهي، صرف ٻن مهينن جي مختصر عرصي ۾ پروگرام تحت قرضن جي منظوري ۽ رقم جي ادائگين ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. هن چيو ته اسڪيم تحت منظور ڪيل قرضن جو تعداد 109 سيڪڙو اضافي سان 52600 کان وڌي ويو، منظور ٿيل فنانسنگ جي مجموعي رقم 116 سيڪڙو جي زبردست اضافي کان پوءِ 312  ارب روپين تائين پهچي وئي. هن چيو ته هاڻي تائين 8600 کان وڌيڪ خاندانن کي قرض جاري ڪيا ويا آهن. عملي طور هائوسنگ سيڪٽر ۾ منتقل ٿيندڙ رقم 118 سيڪڙو اضافي سان 45 ارب روپين تائين پهچي چڪي آهي جيڪا سڌي ريت اڏاوتي ڪمن ۾ استعمال ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي سڌارن ۽ بينڪنگ جي آسان طريقيڪار سبب عام شهري لاءِ فنانسنگ تائين پهچ ممڪن بڻائي وئي آهي، هي پروگرام هاڻي هڪ خاندان لاءِ ڇت، ڪاروبارن لاءِ منافعي، پورهيتن لاءِ روزگار ۽ مجموعي طور پاڪستان جي پائيدار ۽ جامع معاشي ترقي جو ضامن بڻجي چڪو آهي.