اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن به ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافي جو رجحان رهيو جڏهن ته سون جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي. بلوم برگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي مستقبل جا سودا 1.33 ڊالر کان وڌي 91.82 ڊالر في بيرل جڏهن ته برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سودا 1.30 ڊالر اضافي سان 87.06 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. …
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافو، سون جي اگهه ۾ گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ اڱاري ڏينهن به ڪچي تيل جي اگهن ۾ اضافي جو رجحان رهيو جڏهن ته سون جي اگهن ۾ گهٽتائي ٿي. بلوم برگ جي رپورٽ موجب آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيٽ جي مستقبل جا سودا 1.33 ڊالر کان وڌي 91.82 ڊالر في بيرل جڏهن ته برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا سودا 1.30 ڊالر اضافي سان 87.06 ڊالر في بيرل ۾ طئي ٿيا. سون جي اگهه ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، في اونس قيمت 26.37 ڊالر مان گهٽ ٿي 4411 ڊالر ٿي وئي. چاندي جي قيمت 66.99 ڊالر اونس تي برقرار رهي. ڪڻڪ جي قيمت ۾ 9.75 ڊالر جو اضافو ٿيو ۽ مستقبل جا سودا 783.75 ڊالر في بشل طئي ٿيا. ڪپهه جي قيمت ۾ 0.36 ڊالر گهٽتائي ۽ مڪئي جي قيمت ۾ 4.50 ڊالر اضافو ٿيو.











