درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 20 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 20 هزار ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 24 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 24 هزار …

اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. اڱاري جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 20 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 20 هزار ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 24 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 24 هزار 500 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 13 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 13 هزار 300 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 66 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 42 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 89 هزار 800 ڪيوسڪ، ڇوڙ هڪ لک 57 هزار 800 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 69 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 16 هزار 100 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 77 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 34 هزار 900 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.580 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1220.00 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.582 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 648.50 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.