پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف سان ڊيرا غازي خان جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي ملاقات

لاهور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف سان ڊيرا غازي خان جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي صورتحال، امن امان ۽ عوامي مسئلن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ احمد خان لغاري، علي احمد لغاري، اسامه عبدالڪريم، حنيف پتافي، اسامه لغاري ۽ صلاح الدين خان شامل هئا. مريم …

لاهور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف سان ڊيرا غازي خان جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي صورتحال، امن امان ۽ عوامي مسئلن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعليٰ هائوس جي ترجمان موجب ملاقات ڪندڙن ۾ احمد خان لغاري، علي احمد لغاري، اسامه عبدالڪريم، حنيف پتافي، اسامه لغاري ۽ صلاح الدين خان شامل هئا. مريم نواز اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي اثرائتي نگراني کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اسيمبلي ميمبرن وزيراعليٰ مريم نواز کي چين جي ڪامياب دوري تي مبارڪ ڏني ۽ ڊيرا غازي خان ۾ اليڪٽرو بس سروس شروع ڪرڻ تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. اسيمبلي ميمبرن چيو ته ڊيرا غازي خان ۾ اليڪٽرو بس سروس هڪ گيم چينجر منصوبو آهي، ڊيرا غازي خان جو عوام اليڪٽرو بس سروس شروع ڪرڻ تي مريم نواز جو ٿورائتو آهي. هنن چيو ته وزير اعليٰ مريم نواز جي اثرائتين پاليسين تحت ڊي جي خان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر کان بهتر ٿي رهي آهي. پهريون ڀيرو ڪچي جي علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري پنجاب ۾ سٺي حڪمراني جو واضح ثبوت آهي. ان موقعي تي وزير اعليٰ مريم نواز چيو ته چين جي دوري جو مقصد پنجاب کي مصنوعي ذهانت جي دنيا جو مرڪز بڻائڻ آهي. پنجاب ۾ جلد ئي چيني طرز تي ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي سڃاڻپ لاءِ جديد علاج جا طريقا به متعارف ڪرايا پيا وڃن. مريم نواز چيو ته ڊيره غازي خان ۾ ماڻهن کي اليڪٽرڪ بسن ۾ سفر ڪندي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لاهور جي ماڊل تي ٻين علائقن ۾ وڏا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ڊي جي خان سميت ٻين شهرن ۾ روڊ، ڊرينيج، پاڻي جي فراهمي ۽ خوبصورتي جا منصوبا جاري آهن.