اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان سيد علي شاهه گيلاني جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، سيد علي شاهه گيلاني هڪ عظيم ڪشميري اڳواڻ هو، جنهن جي زندگي جرئت، ثابت قدمي ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي پختي عزم سان عبارت هئي. ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني جي پنجين …
سيد علي شاهه گيلاني هڪ عظيم ڪشميري اڳواڻ هو، سندس زندگي ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي پختي عزم سان عبارت هئي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان سيد علي شاهه گيلاني جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، سيد علي شاهه گيلاني هڪ عظيم ڪشميري اڳواڻ هو، جنهن جي زندگي جرئت، ثابت قدمي ۽ ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي پختي عزم سان عبارت هئي. ناليواري ڪشميري اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري پيغام ۾ صدر چيو ته سيد علي شاهه گيلاني پنهنجي پوري زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي جائز امنگن جي فروغ جي لاءِ وقف ڪري ڇڏي. ڊگهي قيد، نظربندي ۽ بي پناهه ذاتي مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي باوجود هو پنهنجي نظرين تي ثابت قدمي سان قائم ۽ انصاف، وقار ۽ آزادي جو ڏيئو روشن رکڻ جي لاءِ پنهنجي پختي عزم تي بيٺل رهيو. هن چيو ته سندس ثابت قدمي ۽ اخلاقي جرئت اڄ به ڪشميرين جي نسلن جي لاءِ مشعل راهه آهي. سندس مشهور لفظ “اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي”، پاڪستان سان سندس گهري جذباتي ۽ سياسي وابستگي ۽ ڪشميري عوام جي جائز امنگن تي سندس پختي يقين جي علامت بڻجي ويا. اهي لفظ اڄ به سندس عزم ۽ جدوجهد کان متاثر ٿيندڙن جي دلين ۾ گونجن ٿا ۽ انهن جي يقين جو هڪ طاقتور اظهار آهن، ان موقعي تي اسان سيد علي شاهه گيلاني جي ياد کي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس قربانين سان گڏوگڏ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام پاران ڏني ويندڙ بي شمار قربانين کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا. صدر چيو ته جرئت، وقار ۽ ثابت قدمي تي ٻڌل سندس ميراث انصاف ۽ آزادي جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ نسلن جي رهنمائي ڪندي رهندي. پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي جائز خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڀرپور اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جي منصفاڻي، پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين.











