اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني کي مدبراڻي، دليراڻي ۽ ڪشمير جي لاءِ پُرعزم قيادت ۽ پاڪستان سان سندس بي لوث محبت تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس زندگي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، جابراڻي ۽ ظالماڻي قبضي جي خلاف مزاحمت جي فخر جوڳي علامت آهي، پاڪستان ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته …
سيد علي شاهه گيلاني جي زندگي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، جابراڻي ۽ ظالماڻي قبضي جي خلاف مزاحمت جي فخر جوڳي علامت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني کي مدبراڻي، دليراڻي ۽ ڪشمير جي لاءِ پُرعزم قيادت ۽ پاڪستان سان سندس بي لوث محبت تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته سندس زندگي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، جابراڻي ۽ ظالماڻي قبضي جي خلاف مزاحمت جي فخر جوڳي علامت آهي، پاڪستان ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي باني اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي جاري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان حريت اڳواڻ سيد علي شاهه گيلاني جي پنجين ورسيءَ جي موقعي تي سندس مدبراڻي، دليراڻي ۽ ڪشمير جي لاءِ پُرعزم قيادت ۽ خاص طور تي پاڪستان سان سندس بي لوث محبت تي کيس دلي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو. هن چيو ته سيد علي شاهه گيلاني والاريل ڪشمير جي عوام جي بنيادي انساني حقن ۽ امنگن جي تحفظ، آزاد سياسي مستقبل ۽ الحاق پاڪستان جي عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي. والايل ڪشمير جي اڻوڻندڙ حالتن ۽ رياستي ڏاڍ آڏو سندس بي لوث ۽ بي مثل جدوجهد ڪشميرين جي رڳن ۾ ڪشمير مسئلي کي تازو رکيو، سندس زندگي والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، جابراڻي ۽ ظالماڻي قبضي جي خلاف مزاحمت جي فخر جوڳي علامت آهي. هن چيو ته سيد علي شاهه گيلاني جي پاڪستان سان گهري ۽ والهاڻي محبت ۽ سندس دل افروز جملو “اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي” پاڪستان ۽ ڪشمير جي دلي ۽ روحاني رشتي جو آئينه دار آهي، ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي سيد علي گيلاني دنيا جي ايوانن ۾ نه وسارڻ جوڳي ۽ مضبوط آواز جي طور تي زندهه رکيو، کيس هڪ باوقار ۽ مقبول ڪشميري اڳواڻ جي طور تي ياد ڪيو وڃي ٿو جيڪو ڪشميرين جي مزاحمت، عزم ۽ حوصلي ۽ استقامت جو لازوال استعاره آهي. هن چيو ته سيد علي گيلاني جي آزادي جي جدوجهد جي جستجو ۽ سياسي ميراث بنا ڪنهن شڪ جي ايندڙ نسلن کي پنهنجي سڃاڻپ ۽ حقن کان روشناس ڪرائي ٿي، ڏهاڪن تي ٻڌل سياسي انتقامي ڪاررواين، قيد ۽ رياستي ڏاڍ جي باوجود ڪشمير مسئلي سان اڻٿڪ وابستگي ان ميراث جي اساس آهي، سيد علي شاهه گيلاني جي جرئت ۽ قيادت کي عقيدت ۽ سلام پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ اسان بي شمار ڪشميرين جي حق جي راهه ۾ بي مثال قربانين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ان عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو ته ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام لاءِ پنهنجي اڻٿڪ اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن يقيني طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي، پرامن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب حل ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ انهن جي جائز ۽ منصفاڻي حق جي لاءِ سمورن لاڳاپيل عالمي فورمز تي پنهنجو ڀرپور آواز اٿاريندو رهندو، اسان دعاڳو آهيون ته الله تعالى سيد علي شاهه گيلاني کي جنت الفردوس ۾ بلند درجا عطا فرمائي.











