اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسماءَ مشتاق جي ميت ڪئمپ ٿري ويجهو ملي وئي آهي جنهن جي حفاظت سان واپسي ۽ بيس ڪئمپ تائين منتقلي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير اسپانتڪ …
پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسماءَ مشتاق جي ميت ڪئمپ ٿري ويجهو ملي وئي آهي، ريسڪيو ٽيم ميت جي محفوظ منتقلي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏئي رهي آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستاني جبل چاڙهو ڊاڪٽر اسماءَ مشتاق جي ميت ڪئمپ ٿري ويجهو ملي وئي آهي جنهن جي حفاظت سان واپسي ۽ بيس ڪئمپ تائين منتقلي جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. سومر ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير اسپانتڪ جبل تي سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن جي تازي تفصيلن کان آگاهه ڪندي چيو ته سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم ڪئمپ ٿري ويجهو ڊاڪٽر اسماءَ مشتاق جي ميت ڳولي ورتي آهي. هن چيو ته ريسڪيو ٽيم جڳهه جي صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ ڊگهي ۽ ڏکئي جابلو علائقي ۾ موجود خطرن جي ڪري ميت کي حفاظت سان ڪڍڻ ۽ بيس ڪئمپ تائين منتقل ڪرڻ جي انتظامن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.











