راولپنڊي - 31 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ترڪيه جي سرڪاري دوري دوران استنبول ۾ اعلى سطحي ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفي دفاعي تعاون ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر ڏينهن پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جون ترڪيه ۾ اعلى سطحي ملاقاتون، ٻطرفي دفاعي تعاون ۽ علائقائي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
راولپنڊي – 31 آگسٽ (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ترڪيه جي سرڪاري دوري دوران استنبول ۾ اعلى سطحي ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفي دفاعي تعاون ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سومر ڏينهن پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سعودي عرب جي دفاع واري وزير شهزاده خالد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ترڪيه جي پرڏيهي وزير هاڪان فيدان، ترڪيه جي قومي دفاع واري وزير ياسر گلر ۽ چيف آف ترڪ جنرل اسٽاف جنرل سلچوڪ بايراڪتار اوغلو سان جدا جدا ملاقاتون ڪيون. ملاقاتن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفي دفاعي تعاون ۽ علائقائي سيڪيورٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز مڪه گڏيل دفاعي معاهدي تحت قائم اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب شامل آهن. ٽنهي ملڪن اسٽريٽجڪ رابطن ۽ دفاعي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مختلف قدمن ۽ امڪانن جو جائزو ورتو. انهن ملاقاتن ۽ اجلاسن سان پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ وڌندڙ اسٽريٽجڪ تعاون جي عڪاسي ٿئي ٿي.











