اوگرا، ايل پي جي جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفيڪيشن جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي(اوگرا) ايل پي جي جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن جاري نوٽيفڪيشن مطابق گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ في ڪلو 4 رپيا 33 پئسن جو اضافو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر ۾ اضافي کانپوءِ 11.8 ڪلو گرام جي ايل پي جي سلنڊر جي نئين قيمت 3 هزار 52 رپيا …

اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي(اوگرا) ايل پي جي جي قيمتن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سومر ڏينهن جاري نوٽيفڪيشن مطابق گهريلو سلينڊر جي قيمت ۾ في ڪلو 4 رپيا 33 پئسن جو اضافو ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن مطابق ايل پي جي جي گهريلو سلينڊر ۾ اضافي کانپوءِ 11.8 ڪلو گرام جي ايل پي جي سلنڊر جي نئين قيمت 3 هزار 52 رپيا 9 پئسا ٿي وئي آهي. ايل پي جي جي نئين قيمت اڄ پهرين سيپٽمبر کان لاڳو هوندي. اوگرا ترجمان چيو آهي ته ايل پي جي تي پروڊيوسر جي قيمت سعودي آرامڪو- سي پي ۽ آمريڪي ڊالر جي ايڪسچينج ريٽ سان لاڳاپيل آهي، گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ سعودي آرامڪو- سي پي ۾ 2.2 سيڪڙو اضافو ٿيو جڏهن ته سراسري ڊالر ايڪسچينج ريٽ ۾ 0.12 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.