اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان اڄ ثالثي عدالت پاران متفقه طور تي ڏنل فيصلي جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي “التوا ۾ رکڻ” جي غيرقانوني ڪوشش کي واضح انداز ۾ رد ڪندي ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي آهي ته معاهدو بدستور مڪمل طور تي …
پاڪستان ثالثي عدالت پاران متفقه طور تي ڏنل فيصلي جي آجيان ڪري ٿو: نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان اڄ ثالثي عدالت پاران متفقه طور تي ڏنل فيصلي جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي “التوا ۾ رکڻ” جي غيرقانوني ڪوشش کي واضح انداز ۾ رد ڪندي ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي آهي ته معاهدو بدستور مڪمل طور تي لاڳو ۽ ٻنهي ڌرين جي لاءِ پابند آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي ان مستقل موقف جي تائيد ڪري ٿو ته ڪنهن به پابند عالمي معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل يا ختم نه ٿو ڪري سگهجي. ڀارت تي لازمي آهي ته هو سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجون سموريون ذميواريون ۽ تڪرارن جي حل لاءِ قائم طريقيڪار تحت ايندڙ پابند فيصلن تي مڪمل طور تي عمل ڪري. پاڪستان انشاءَ الله سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجي حقن جي تحفظ جي لاءِ مضبوطي سان پرعزم رهندو.











