اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت جينياتي طور تبديل ٿيل مڪئي جي واپاري بنيادن تي پوکي لاءِ پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي عمل کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، نئين فريم ورڪ تحت مارڪيٽ ۾ روائتي ٻجن جي سستي فراهمي يقيني بڻائيندي مرحليوار جي ايم ٽيڪنالاجي طرف منتقلي ڪئي ويندي ته جيئن آبادگارن ۽ ملڪي معيشت ٻنهي کي هڪجهڙو فائدو پهچي سگهي، ناڻي واري وزارت مان جاري …
ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ جينياتي طور تبديل ٿيل مڪئي بابت ڪميٽي جو اهم اجلاس، مڪئي جي واپاري بنيادن تي پوکي لاءِ پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي عمل کي تيز ڪرڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) حڪومت جينياتي طور تبديل ٿيل مڪئي جي واپاري بنيادن تي پوکي لاءِ پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي عمل کي تيز ڪري ڇڏيو آهي، نئين فريم ورڪ تحت مارڪيٽ ۾ روائتي ٻجن جي سستي فراهمي يقيني بڻائيندي مرحليوار جي ايم ٽيڪنالاجي طرف منتقلي ڪئي ويندي ته جيئن آبادگارن ۽ ملڪي معيشت ٻنهي کي هڪجهڙو فائدو پهچي سگهي، ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب ان سلسلي ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ جينياتي طور تبديل ٿيل ”جي ايم“ مڪئي بابت ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس سومر ڏينهن منعقد ٿيو، اها ڪميٽي وزيراعظم جي هدايت تي پاڪستان ۾ جينياتي طور تبديل ٿيل مڪئي جي واپاري بنيادن تي منظوري جي پاليسي جو غيرجانبداراڻو سائنسي ۽ شاهدين تي ٻڌل جائزو وٺڻ لاءِ جوڙي وئي. اجلاس ۾ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان ڪيل مشاورت ۾ هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو ۽ جي ايم مڪئي جي واپاري منظوري لاءِ تجويز ڪيل عملي ۽ عارضي فريم ورڪ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڪميٽي هڪ اهڙي واضح ۽ قابل عمل فريم ورڪ تي زور ڀريو جيڪو قومي مفادن کي مٿانهون رکندي سمورن ڌرين جا خدشا ختم ڪري سگهي. اجلاس دوران منظور ٿيل نيشنل ايگريڪلچرل بائيو ٽيڪنالاجي پاليسي تحت جي ايم ۽ روائتي مڪئي جي گڏيل بقا جي اصولن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ اهڙن قدمن تي غور ڪيو ويو جن سان ٻئي شعبا هڪ ئي وقت گڏجي ڪم جاري رکي سگهن. ڌرين منتقلي جي مدت مارڪيٽ ۾ غير جي ايم ٻجن جي دستيابي ۽ قيمتن ۾ بنا سبب جي واڌ کانسواءِ سپلاءِ جو سلسلو برقرار رکڻ جي حڪمت عملي تي غور پڻ ڪيو، ڪميٽي صنعت سان واڳيل نمائندن طرفان اٿاريل خدشن، خاص ڪري عارضي وقت، روائتي ٻجن جي دستيابي ۽ موجوده صنعت تي ان جي امڪاني اثرن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي واضح ڪيو ويو ته جي ايم مڪئي طرف منتقلي جو عمل لاڳيتو ٿيندو ته جيئن لاڳاپيل ڌرين کي نئين نظام کي اختيار ڪرڻ جو پورو موقعو ملي سگهي. گڏوگڏ مارڪيٽ ۾ غير جي ايم ٻج جي مسلسل فراهمي جي اهميت تي پڻ زور ڀريو ويو. شرڪت ڪندڙن هڪ اهڙي جامع ۽ فل پروف فريم ورڪ جي ضرورت تي زور ڀريو جنهن ۾ واضح رهنما اصول موجود هجن ته جيئن جي ايم ۽ غير جي ايم مڪئي جي پوکي جو نظام ڪاميابي سان گڏجي هلي سگهن. ڪميٽي اهو پڻ چيو ته هن عمل ۾ ٻجن جي صنعت مڪئي جي ملن جي مالڪن، تعليمي ادارن ۽ فني ماهرن سميت سمورن حصيدارن جي رائين ۽ سفارشن کي لازمي طور شامل ڪيو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته ان مشق جو مقصد صرف پاليسي بڻائڻ نه پر ان تي موثر عملدرآمد ۽ منتقلي کي يقيني بڻائڻ آهي. هن بنا سبب جي دير کان بچندي حقيقت پسنداڻي وقت جو تعين ڪرڻ تي زور ڀريو ته جيئن طئي ٿيل فريم ورڪ کي عملي جامو پارائي سگهجي. ڪميٽي ملڪ جي زرعي شعبي جي ترقي ۽ پيداواري صلاحيت وڌائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ، ڪٽائي جي جديد طريقن، اسٽوريج ۽ لاڳاپيل بنيادي ڍانچي ۾ بهتري آڻڻ جي اهميت تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ناڻي واري وزير سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ حصيدارن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪميٽي مختلف راين کان اڳتي وڌي هڪ وسيع ۽ اتفاق راءِ حاصل ڪري ورتي آهي. هن تاڪيد ڪئي ته اهي سفارشون ملڪي مفاد موجب هئڻ گهرجن جنهن ۾ ضروري خدشن ۽ سمورين ڌرين جي ڳڻتين جو ازالو ڪري سگهجي. ڪميٽي عبوري ۽ عملي فريم ورڪ کي حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ناڻي واري وزير هدايت ڪئي ته هن عمل کي جيترو جلد ٿي سگهي مڪمل ڪيو وڃي ته جيئن انهن سفارشن کي لاڳاپيل عملدارن ذريعي فوري طور لاڳو ڪري سگهجي. اجلاس ۾ سرڪاري ۽ نجي ٻنهي شعبن جي نمائندن شرڪت ڪئي، جن ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جو سيڪريٽري، زراعت ۽ غذائي تحفظ لاءِ وزيراعظم ڪو آرڊينيٽر، سي اي او پاڪستان گرين انيشيٽو، لاڳاپيل ڪاروباري ۽ روانگي واپار ڪندڙن جي نمائندن ۽ زراعت جي شعبي جي سائنسي ۽ فني ماهرن شرڪت ڪئي.











