بشڪيڪ - 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي گڏيل تعاون جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪرغزستان جي گادي واري شهر …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايس سي او ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات، پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ

مزید خبریں
بشڪيڪ – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي گڏيل تعاون جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو آهي. سومر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي اسلامي جمهوريه ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪئي. شاندار ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ۽ پراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ گڏيل تعاون جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي اهميت جو ذڪر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ان حوالي سان هلندڙ سال جون ۾ صدر پزشڪيان جي پاڪستان جي دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي رابطن جي فروغ ۽ عوامي سطح تي رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ جاري ڪوششن جو پڻ جائزو ورتو. ملاقات دوران علائقائي صورتحال ۾ ٿيندڙ تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي مخلصاڻي ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو تهران جو تازو دورو ۽ سندس تعميري رابطن سان سٺي نتيجن جي اميد آهي. وزيراعظم خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ تحمل، ضبط ۽ برداشت ۽ مسلسل سفارتي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. هن اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تحت طئي ٿيندڙ مفاهمت کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ جي لاءِ اهو واحد قابل عمل رستو آهي. صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل سفارتي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. ايراني صدر پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن جي پائيدار مضبوطي کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا صدين تي ٻڌل گڏيل تاريخ، ثقافت ۽ مذهب جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن. هن مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ تهران جي ڀرپور خواهش جو ورجاءُ ڪيو. صدر پزشڪيان موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت جي اهميت جو ذڪر ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان کي سندس سهولت موجب جلد کان جلد پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني. ايراني صدر به وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ڊسمبر 2026ع ۾ تهران ۾ منعقد ٿيندڙ ايندڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص معاون سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ ٻيا اعلى عملدار پڻ موجود هئا.











