اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ورتو، جتي هن دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏ مڪه جوائنٽ ڊفينس ايگريمنٽ تحت قائم ڪيل اسٽريٽجڪ پوليٽيڪل اينڊ ڊفينس ڪميٽي جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جو استنبول جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار استنبول جو هڪ ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري ورتو، جتي هن دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان گڏ مڪه جوائنٽ ڊفينس ايگريمنٽ تحت قائم ڪيل اسٽريٽجڪ پوليٽيڪل اينڊ ڊفينس ڪميٽي جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. استنبول جي دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاڪان فيدان سان پڻ ٻطرفي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪ پرڏيهي وزير حاڪان فيدان ۽ قومي دفاع واري وزير ياشار گولر سان گڏ استنبول کان بشڪيڪ روانو ٿي ويو آهي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستاني وفد سان گڏ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس ۽ ايس سي او پلس سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هو بشڪيڪ ۾ وزيراعظم جي مختلف اهم مصروفيتن ۾ پڻ ساڻس گڏ هوندو جن ۾ 2 سيپٽمبر تي ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه پڻ شامل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جو جمهوريه ڪرغزستان جو سرڪاري دورو 31 آگسٽ کان 2 سيپٽمبر تائين جاري رهندو. ان دوران پاڪستان 27 – 2026ع جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي چيئرمين شپ سنڀاليندو.











