اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته وزيراعظم جي هدايت تي پمز سانحي ۾ فوت ٿي ويل سمورن متاثرن جي خاندانن لاءِ 50-50 لک روپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. 13 متاثر مائرن کي چيڪ ڏنا ويا آهن. پمز اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مالي امداد متاثر خاندانن جي ڏک ۽ نقصان …
پمز سانحي جي سمورن متاثر خاندانن لاءِ 50-50 لک روپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي، ته وزيراعظم جي هدايت تي پمز سانحي ۾ فوت ٿي ويل سمورن متاثرن جي خاندانن لاءِ 50-50 لک روپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. 13 متاثر مائرن کي چيڪ ڏنا ويا آهن. پمز اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مالي امداد متاثر خاندانن جي ڏک ۽ نقصان جو ازالو ته ناهي پر جيڪو ڪجهه حڪومت جي وس ۾ آهي ان تحت متاثر خاندانن جي مدد جي لاءِ امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته 13 متاثر خاندانن کي امدادي چيڪ فراهم ڪيا ويا آهن جڏهن ته هڪ خاندان باقي رهيو آهي جنهن کي به جلد امدادي چيڪ ڏنو ويندو. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته پمز اسپتال ۾ علاج لاءِ ايندڙ مريض ۽ انهن جا پونئر ملڪ جي مختلف علائقن، پشاور کان ڪشمير تائين کان ايندا آهن. پمز سپتال 1985ع ۾ قائم ٿي جڏهن ته ان نوعيت جو افسوسناڪ واقعو ان کان اڳ ڪڏهن به پيش ناهي آيو. هن چيو ته پمز جي ڊاڪٽرن، نرسن ۽ ٻئي طبي عملي جي متاثرن کي علاج ۽ طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڀرپور خدمتون انجام ڏنيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي شروعاتي رپورٽ جي روشني ۾ ذميوار ڊاڪٽرن ۽ انتظامي آفيسرن خلاف ڪارروائي جي شروعات ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪميٽي وڌيڪ جاچ جاري رکندي، ۽ اسپتال جي سمورن شعبن جو جائزو وٺي رهي آهي. ته جيئن پنهنجي مڪمل رپورٽ وزيراعظم سامهون پيش ڪري سگهجي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري واضح ڪيو ته جن ماڻهن جي غفلت سبب اهو سانحو پيش آهي انهن خلاف سخت ڪارروائي ۽ قانون موجب سزا يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته مستقبل ۾ پمز جهڙين وڏين تدريسي ۽ طبي ادارن ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سمورن ضروري حفاظتي ۽ انتظامي قدمن کي مستقل بنيادن تي يقيني بڻايو ويندو.











