حيدرآباد-31 آگسٽ (اي پي پي) ريجنل ڊائريڪٽر محتسب حيدرآباد سيد محمد سجاد حيدر سومر ڏينهن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس حيدرآباد ۾ هڪ کليل ڪچهري منعقد ڪئي، جنهن دوران عوامي شڪايتون، خاص طور تي پينشن ۽ ٻين مالي معاملن بابت مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ قدم کنيا ويا ان موقعي تي وڏي انگ ۾ پينشنرن پنهنجا ڪيس ريجنل ڊائريڪٽر آڏو پيش ڪيا. اڪثر شڪايتون پينشن جاري ٿيڻ ۾ دير، پينشن جي …
حيدرآباد اڪائونٽس آفيس ۾ کليل ڪچهري، محتسب پينشنرن جون شڪايتون ٻڌيون
حيدرآباد-31 آگسٽ (اي پي پي) ريجنل ڊائريڪٽر محتسب حيدرآباد سيد محمد سجاد حيدر سومر ڏينهن ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس حيدرآباد ۾ هڪ کليل ڪچهري منعقد ڪئي، جنهن دوران عوامي شڪايتون، خاص طور تي پينشن ۽ ٻين مالي معاملن بابت مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ قدم کنيا ويا ان موقعي تي وڏي انگ ۾ پينشنرن پنهنجا ڪيس ريجنل ڊائريڪٽر آڏو پيش ڪيا. اڪثر شڪايتون پينشن جاري ٿيڻ ۾ دير، پينشن جي فڪسيشن ، رهيل بقايائن، ڪميوٽيشن، فيملي پينشن ۽ پينشن جي رڪارڊ سان گڏ و گڏ ٻين مسئلن تي ٻڌل هيون. ڪيترن ئي شڪايت ڪندڙن ريجنل ڊائريڪٽر کي انهن مسئلن کان آگاهه ڪيو، جيڪي کين پينشن جي حصول ۾ پيش اچي رهيون هيون. ڪجهه پينشنرن پنهنجون جائز رهتون حاصل ڪرڻ ۽ التوا هيٺ ڪيس جلد اڪلائڻ لاءِ پڻ مدد طلب ڪئي.سيد محمد سجاد حيدر شڪايت ڪندڙن جون انفرادي طور ٻڌڻيون ڪيون ۽ لاڳاپيل آفيسرن کان موقعي تي ئي سندن ڪيسن جي موجوده صورتحال بابت وضاحت طلب ڪئي. هن ان موقعي تي شڪايتن جي نوعيت جو پڻ جائزو ورتو ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر ۽ ٻين آفيسرن سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ريجنل ڊائريڪٽر لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته شڪايتن جو ميرٽ تي جائزو وٺي، قاعدن ۽ ضابطن ۽ مقرر ڪيل طريقيڪار موجب ضروري ڪارروائي ڪئي وڃي. هن زور ڀريو ته پينشنرن جي جائز شڪايتن جو جلد ازالو ڪيو وڃي. هن چيو ته سرڪاري آفيسرن جي ذميواري آهي ته هو شهرين کي سهولت فراهم ڪن ۽ سندن جائز مسئلن تي شفاف انداز ۾ مقرر وقت اندر ڪارروائي کي يقيني بڻائين.











