پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ذميواري سان ڪم ڪيو وڃي : ڊي سي لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو - 31 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي  ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو چيو آهي ته پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ذميواري سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ٿيڻ گھرجي ۽ ڪو به ٻار پوليو قطرا پيئڻ کانسواءِ رهجي نه وڃي ان لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن پنهنجي آفيس جي درٻار هال …

لاڙڪاڻو – 31 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو جي  ڊپٽي ڪمشنر طارق منظور چانڊيو چيو آهي ته پوليو مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ذميواري سان ڪم ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي نه ٿيڻ گھرجي ۽ ڪو به ٻار پوليو قطرا پيئڻ کانسواءِ رهجي نه وڃي ان لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گھرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن پنهنجي آفيس جي درٻار هال ۾ ايندڙ پوليو مهم جي سلسلي ۾ جيڪا 21 سيپٽمبر کان 24 سيپٽمبر 2026ع تائين جاري رهندي. هن چيو ته مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته مڪمل ڊيٽا ترتيب ڏني وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ ٽيمن بابت آگاهي پڻ ڏني وڃي ۽ اهو پڻ ٻڌايو وڃي ته مهم دوران ڪيترو مڪينزم ٺاهيو ويو آهي ۽ ڪيترو سامان هوندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته ان کي ڪيئن حل ڪيو وڃي ته جيئن مهم دوران ڪو به ٻار پوليو ڦڙا پيئڻ کان رهجي نه وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اوهان ذميواري سان ڪم ڪريو پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي سامان جي کوٽ پيدا نه ٿئي ۽ ڪو به مسئلو درپيش نه اچي. هن ان موقعي تي تعليم کاتي جي عملدان کي هدايت ڪئي ته نئين داخلا بابت انرولمينٽ جا تفصيل ڏنا وڃن ته جيئن نون آيل ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئاري سگھجن ۽ ان سان گڏوگڏ پرائيويٽ اسڪول وارن کي پڻ پابند ڪيو وڃي ته جيئن اهي به نئين داخلا بابت تفصيل ڏين ته جيئن اتي به ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيئاري سگھجن. اجلاس دوران ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو اهو پڻ چيو ته جيڪي ٻار ٻاهرين علائقن مان لڏي اچن ٿا انهن تي نظر رکي وڃي ۽ قائم ڪيل ٽرانسزٽ پوائنٽس تي ٽيمن کي پابند ڪيو وڃي ته اتي ايندڙ هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا پيئاريا وڃن ۽ ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن ڪچي جي علائقن ۾ ڪو ڪيس آهي ته ان بابت پڻ ٻڌايو وڃي. ان کان اڳ تفصيلي آگاهي ڏيندي اهو پڻ ٻڌايو ويو ته هن مهم دوران ضلعي اندر 03 لک 49 هزار ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ 102 ٽيمون جوڙيون ويون آهن جيڪي گھر گھر وڃي پوليو جا ڦڙا پيارينديون ۽ هر يونين ڪائونسل ۾ مقرر ميڊيڪل آفيسر، فوڪل پرسن، چونڊيل نمائندا ۽ صحت کاتي سان واسطو رکندڙ ٽيمون پڻ ان مهم ۾ حصو وٺنديون. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر لاڙڪاڻو ڊاڪٽر شوڪت علي ابڙو، ڊاڪٽر جنيد احمد پي پي ايڇ آءِ، ڊاڪٽر عرفان (فوڪل پرسن اي پي آءِ)، ڊاڪٽر ارم (آر اين سي ايڇ آءِ) ۽ ڊاڪٽر راول انصاف پڻ موجود هئا جنهن تفصيلي بريفنگ ڏني.