راولپنڊي - 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌسماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاڪستاني فنڪارن جي آواز ۾ پاڪ - ترڪ دوستي جو خاص نغمو جاري ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر ترڪيه جي 104هين يوم فتح تي منفرد نغمو ”دو دل، ايڪ جان“ جاري ڪري ڇڏيو آهي، نغمي ۾ پاڪستاني فنڪارن اردو ۽ ترڪ ٻولين ۾ آواز جا جادو ڏيکاريندي پاڪ - ترڪ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن …
آءِ ايس پي آر پاران پاڪستاني فنڪارن جي آواز ۾ پاڪ – ترڪ دوستي جو خاص نغمو جاري

مزید خبریں
راولپنڊي – 31 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌسماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاڪستاني فنڪارن جي آواز ۾ پاڪ – ترڪ دوستي جو خاص نغمو جاري ڪري ڇڏيو آهي. آءِ ايس پي آر ترڪيه جي 104هين يوم فتح تي منفرد نغمو ”دو دل، ايڪ جان“ جاري ڪري ڇڏيو آهي، نغمي ۾ پاڪستاني فنڪارن اردو ۽ ترڪ ٻولين ۾ آواز جا جادو ڏيکاريندي پاڪ – ترڪ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن جي عڪاسي ڪئي آهي. نغمي جي موسيقي علي مصطفيٰ تيار ڪئي آهي جڏهن ته ڪمپوزيشن ڪامران الله خان ۽ سامعه گوهر ڪئي آهي. ان خوبصورت نغمي کي عثما رئيس ۽ ڊاڪٽر مبشره حفيظ ڳايو آهي. نغمي جي منفرد خصوصيت اها آهي ته اردو ۽ ترڪ ٻولين ۽ رواتي سازن تي ٻڌل ان جي سموري گائڪي ۽ فنڪار به پاڪستاني آهن، ترڪ ٻولي ۾ پيش ڪيل نغمي ۾ پاڪ – ترڪ دوستي، گڏيل ثقافت ۽ گڏيل محبت جو اظهار به ڪيو ويو آهي. نغمي ۾ رباب، باقلاما ۽ دربوڪا جي ڌنن سان پاڪ – ترڪ دوستي جي خوبصورت تصوير پيش ڪئي وئي آهي، اردو ۽ ترڪ ٻولين جي حسين ميلاپ تي ٻڌل نغمي ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل قدرن کي به ڀرپور طور اجاگر ڪيو ويو آهي. نغمي ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ لازوال دوستي، ڀائيچاري ۽ محبت جي خوبصورت عڪاسي ڪئي وئي آهي. نغمو رليز ٿيڻ کان پوءِ ان کي ترڪيه جي اهم ڊجيٽل ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي، ترڪيه جي مشهور نشرياتي اداري ٽي آر ٽي نيٽ ورڪ سوشل ميڊيا تي نغمو اپ لوڊ ڪري ٻنهي ملڪن جي ثقافتي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ترڪيه جي مشهور خابروا داري مختلف ٻولين جي ڊجيٽل پليٽ فارمز تي نغمي جي ثقافتي پيشڪش جي ساراهه ڪئي آهي. مشهور ترڪ اخبارن شفق ۽ صباح جي ڊجيٽل پليٽ فارمز ويڊيو کي نمايان ڪندي پاڪ- ترڪ ثقافتي ڳانڍاپي کي اجاگر ڪيو آهي، يوٽيوب، ايڪس، انسٽاگرام ۽ ٽڪ ٽاڪ تي نغمي جون مختصر ڪلپس، خاص ڪري پاڪ – ترڪ روائيتي سازن جي ميلاپ کي نمايان موٽ ملي آهي. ”دو دل ايڪ جان“ جي خوبصورت پيشڪش پاڪستان ۽ ترڪيه جي مضبوط عوامي، ثقافتي ۽ ڀائراڻي رشتي کي ظاهر ڪري ٿي.











