اسلام آباد - 31 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام تحريڪ آزادي ڪشمير جي مشهور بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي لازوال خدمتن ۽ جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سيد علي گيلاني جي پنجين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير کيس هڪ عظيم اڳواڻ قرار ڏيندي چيو ته هن ڀارتي رياستي ڏاڍ ۽ …
سيد علي گيلاني جون بي مثال قربانيون ڪشميري نوجوانن لاءِ هڪ روشن مثال آهن: انجنيئر امير مقام

مزید خبریں
اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ سيفران جي معاملن واري وفاقي وزير انجنيئر امير مقام تحريڪ آزادي ڪشمير جي مشهور بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي لازوال خدمتن ۽ جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. سيد علي گيلاني جي پنجين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير کيس هڪ عظيم اڳواڻ قرار ڏيندي چيو ته هن ڀارتي رياستي ڏاڍ ۽ ظلم ۽ تشدد باوجود غير معمولي صبر، استقامت ۽ ثابت قدمي جو مظاهرو ڪيو. وفاقي وزير انجنيئر امير مقام چيو ته سيد علي گيلاني جون بي مثال قربانيون ڪشميري نوجوانن لاءِ هڪ روشن مثال آهن ۽ سندس جدوجهد ڪشميري عوام جي خودارايت واري حق حاصل ڪرڻ جي تحريڪ ۾ هميشه ياد رکي ويندي. هن چيو ته ڪشميري عوام اڄ به سيد علي گيلاني جي ڏنل نعري اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي تي قائم رهندي پنهنجي وابستگي ۽ جذبن جو اظهار ڪري ٿو. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي جائز حقن ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. وفاقي وزير گڏيل قومن تي زور ڀريو ته هو ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺن ۽ ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب انهن جو جائز خوداراديت وارو حق ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.











