پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سيڙپڪاري ۾ توسيع معاشي بحالي تي اعتماد جو ثبوت آهي: خرم شهزاد

اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير جي مشير خرم شهزاد چيو آهي ته سعودي عرب جي گروپ پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دائريڪار ۾ توسيع پاڪستان جي معاشي بحالي، ڍانچه جاتي سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي صلاحيتن تي سعودي نجي شعبي جي وڌندڙ اڻٽٽ اعتماد جو چٽو ثبوت آهي.سومر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سعوي عرب جي مشهور ڪاروباري اداري آسياد گروپ پاڪستان …

اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي)ناڻي واري وفاقي وزير جي مشير خرم شهزاد چيو آهي ته سعودي عرب جي گروپ پاران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دائريڪار ۾ توسيع پاڪستان جي معاشي بحالي، ڍانچه جاتي سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي صلاحيتن تي سعودي نجي شعبي جي وڌندڙ اڻٽٽ اعتماد جو چٽو ثبوت آهي.سومر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته سعوي عرب جي مشهور ڪاروباري اداري آسياد گروپ پاڪستان جي معاشي مستقبل تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪندي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي دائره ڪار کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. گروپ توانائي، هوابازي ۽ مالياتي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا ڳولڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. هن چيو ته گروپ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ پاڪستان جي ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب وچ ۾ ٿيل هڪ اعليٰ سطحي ملاقات ۾ ان حوالي سان اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. سعوي عرب جي گروپ پاڪستان کي اسٽريٽجڪ لحاظ کان هڪ بهترين سيڙپڪاري مرڪز طور ڏسي رهيو آهي ۽ گروپ پاڪستان ۾ هوائي اڏن جي نجڪاري جي ايندڙ عمل ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي.گروپ جي ماتحت اداري وافي انرجي پاڪستان جي آپريشنز ۽ ريٽيل نيٽ ورڪ جا سڄي ملڪ ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا معاملا به غور هيٺ آيا. هن چيو ته سعودي عرب جي گروپ طرفان اها ڳڀرائي پاڪستان جي معاشي بحالي، ڍانچه جاتي سڌارن ۽ سيڙپڪاري جي صلاحيتن تي سعودي عرب جي نجي شعبي جي وڌندڙ اڻٽٽ اعتماد جو چٽو ثبوت آهي.