درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 4 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو به 2 لک 4 هزار 200 ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 22 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو …

اسلام آباد-31 آگسٽ (اي پي پي)واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 4 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو به 2 لک 4 هزار 200 ڪيوسڪ رهيو، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 22 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 22 هزار 900 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 7 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 7 هزار 200 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 20 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ ۽ چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 64 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 41 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.گڊو بئراج ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 5 هزار 700 ڪيوسڪ، ڇوڙ هڪ لک 73 هزار 700 ڪيوسڪ، سکر بئراج ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 40 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 87 هزار 600 ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي جي آمد هڪ لک 71 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ هڪ لک 28 هزار 600 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1550 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.580 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1219.65فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 5.558 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 638.50 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح50. 648 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 659 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.285 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.