لاڙڪاڻو پوليس پاران ٻن مختلف هنڌن تي مقابلا، 2 ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار، ھٿيار هٿ

لاڙڪاڻو - 31 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ٻن مختلف هنڌن تي ٿيل پوليس مقابلن ۾ 2 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ ھٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. علي گوھر آباد ٿاڻي جي حد بهارپور روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ ٿيل مُقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل شڪيل ڪورائي کي زخمي حالت ۾ ھڪ عدد ٽي ٽي پستول سميت گرفتار ڪري ورتو. جڏهن …

لاڙڪاڻو – 31 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ٻن مختلف هنڌن تي ٿيل پوليس مقابلن ۾ 2 ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ ھٿيارن سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. علي گوھر آباد ٿاڻي جي حد بهارپور روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ ٿيل مُقابلي ۾ هڪ ڌاڙيل شڪيل ڪورائي کي زخمي حالت ۾ ھڪ عدد ٽي ٽي پستول سميت گرفتار ڪري ورتو. جڏهن ته حيدري ٿاڻي جي حد غلام ڀٽو روڊ واري علائقي ۾ گشت تي موجود پوليس جو واردات جي نيت سان بيٺل ڌاڙيلن مقابلي ۾ ڌاڙيل علي وفا کي زخمي حالت ۾ 30 بور جي پستول سميت گرفتار ڪري ورتو. شروعاتي جاچ ۽ حاصل ٿيل معلومات موجب ڄاڻايل ڌاڙيل لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ سنگين ڏوهن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهن. پوليس ترجمان موجب ٻين فرار ٿيل ڌاڙيلن جي گرفتاريءَ لاءِ پوليس پاران سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي.