اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته جامع مالياتي شموليت ذريعي سيڙپڪاري کي پيداواري شعبن، روانگي واپار ۽ جديد ٽيڪنالاجي ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي جنهن سان سيڙپڪاري، ڪاروباري سرگرمين ۽ پائيدار ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته هائوسنگ فنانس، زراعت، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز)، اليڪٽرڪ …
جامع مالياتي شموليت سان معاشي، سيڙپڪاري ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن: ناڻي بابت صلاحڪار

مزید خبریں
اسلام آباد- 31 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته جامع مالياتي شموليت ذريعي سيڙپڪاري کي پيداواري شعبن، روانگي واپار ۽ جديد ٽيڪنالاجي ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي جنهن سان سيڙپڪاري، ڪاروباري سرگرمين ۽ پائيدار ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته هائوسنگ فنانس، زراعت، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز)، اليڪٽرڪ وهيڪلز (اي وي) ۽ روانگي واپار جي شعبن ۾ مالي سهولتن جي فراهمي بهتر بڻائي پئي وڃي. هن چيو ته ”اپنا گهر“ پروگرام تحت درخواستن ۾ 84 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جڏهن ته منظور ٿيل فنانسنگ اٽڪل 280 ارب روپين تائين پهچي وئي آهي. هن چيو ته زرعي شعبي ۾ مالي پهچ بهتر ٿيڻ سبب هارين، ننڍن آبادگارن ۽ ٻهراڙي جي معيشت کي سهارو ملي رهيو آهي جڏهن ته روايتي ضمانتي نظام کان هٽي ڪاروبارن لاءِ مالي سهولتن کي وڌيڪ آسان بڻايو پيو وڃي. ناڻي بابت صلاحڪار چيو ته گرين فنانسنگ قدمن تحت اليڪٽرڪ وهيڪلز جي شعبي ۾ قرضن جي فراهمي ۽ گاڏين جي فراهمي ۾ به نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جامع مالياتي نظام جو مقصد معيشت جي مختلف شعبن کي مالي وسيلن تائين بهتر پهچ فراهم ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري کي اهڙن پيداواري شعبن ڏانهن منتقل ڪرڻ آهي جيڪي روزگار، روانگي واپار ۽ پائيدار اقتصادي ترقي ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن.











