لاهور- 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ روانو ٿي ويو آهي. سوُمر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او پلس …
وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ روانو

مزید خبریں
لاهور- 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽن ڏينهن جي دوري تي ڪرغزستان جي گادي واري هنڌ بشڪيڪ روانو ٿي ويو آهي. سوُمر ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو ۽ مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايس سي او پلس سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم ورلڊ نوميڊ گيمز جي افتتاحي تقريب ۾ پُڻ خاص مهمان طور تي شرڪت ڪندو. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگھائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ٻطرفيُون ملاقاتون به ڪندو. ملاقاتن ۾ گڏيل لاڳاپن، واپار ۽ سيڙپڪاري، علائقائي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف سان ٻطرفي ملاقات ڪندو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو ورتو ويندو. وزيراعظم جي ڪرغزستان جي دوري دوران واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، علائقائي رابطن، تعليم، سياحت ۽ عوامي رابطن جي فروغ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، عبدالعليم خان ۽ عطاءُ الله تارڙ به وزيراعظم سان گڏ آهن.











