صدر پاران يوم فتح جي موقعي تي ترڪ هم منصب ۽ عوام کي مبارڪون

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري يوم فتح جي موقعي تي ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان ۽ ترڪ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخ، ايمان ۽ گڏيل سهڪار جي رشتن تي ٻڌل منفرد ۽ پائيدار لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته 30 آگسٽ 1922ع جي عظيم فتح ترڪيه جي …

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري يوم فتح جي موقعي تي ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان ۽ ترڪ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. آچر ڏينهن ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخ، ايمان ۽ گڏيل سهڪار جي رشتن تي ٻڌل منفرد ۽ پائيدار لاڳاپا قائم آهن. هن چيو ته 30 آگسٽ 1922ع جي عظيم فتح ترڪيه جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي ۽ ان ڳالهه تي اعتماد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجها ۽ڀائراڻا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا. صدر آصف علي زرداري صدر رجب طيب ۽ ترڪ عوام لاءِ مسلسل امن، خوشحالي ۽ڪاميابي جي دعا ڪئي.