وزيراعظم شهباز شريف پاران ترڪ صدر، حڪومت ۽ عوام کي يوم فتح جون مبارڪون

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي يوم فتح جون مبارڪون ڏنيون آهن. آچر تي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي عزيز ڀاءُ صدر رجب طيب اردگان، ترڪيه حڪومت ۽ برادر جمهوريه ترڪيه جي عوام کي يوم فتح جي خوشين جي موقعي تي دلي …

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ۽ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي يوم فتح جون مبارڪون ڏنيون آهن. آچر تي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي هڪ بيان ۾ وزيراعظم چيو ته هو پنهنجي عزيز ڀاءُ صدر رجب طيب اردگان، ترڪيه حڪومت ۽ برادر جمهوريه ترڪيه جي عوام کي يوم فتح جي خوشين جي موقعي تي دلي مبارڪون پيش ڪري ٿو. هن چيو ته 30 آگسٽ ان تاريخي فتح جي ياد ڏياري ٿو جيڪو غازي مصطفيٰ ڪمال اتاترڪ جي قيادت ۾ حاصل ڪئي وئي ۽ جنهن جديد ترڪ جمهوريه جو بنياد رکيو، پاڪستان پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي جرئت ۽ قومي عزم جي ان عظيم ۽ فخر جوڳي ميراثر کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ لاڳاپا دلين جي رشتي ۾ جيڪي گڏيل ايمان، تاريخ ۽ صدين تي ٻڌل جدوجهد سان مضبوط ٿيا آهن. اڄ اسان جي ٻنهي ملڪن مڪه گڏيل دفاعي معاهدي ذريعي پائيدار ڀائراڻن لاڳاپن جي ان اسٽريٽجڪ اظهار جي تجديد ڪئي آهي، جيڪو اسان جي ٻنهي ملڪن کي برادر مملڪت سعودي عرب سان گڏيل سلامتي ۽ اجتماعي دفاع جي گڏيل مقصد ۾ گڏ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي گڏيل خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ ترڪيه سان سمورن شعبن ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ جي عزم تي ثابت قدم آهي. هن چيو ته الله ڪري ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ دائمي دوستي ۽ ڀائيچاري جو رشتو ايندڙ نسلن تائين اهڙي طرح وڌندو ويجهندو رهي.