نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار لنڊن کان استنبول لاءِ روانو

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن کان ترڪيه جي گادي واري شهر استنبول لاءِ روانو ٿي ويو آهي. جتي هو سرڪاري مصروفيتون انجام ڏيندو. آچر تي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيه جو سرڪاري دورو مڪمل ڪيو. دوري دوران هن برطانوي پرڏيهي وزير ايڊملي بينڊ، برطانيه جي فارن ڪامن ويلٿ اينڊ …

اسلام آباد -30 آگسٽ (اي پي پي)نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن کان ترڪيه جي گادي واري شهر استنبول لاءِ روانو ٿي ويو آهي. جتي هو سرڪاري مصروفيتون انجام ڏيندو. آچر تي پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيه جو سرڪاري دورو مڪمل ڪيو. دوري دوران هن برطانوي پرڏيهي وزير ايڊملي بينڊ، برطانيه جي فارن ڪامن ويلٿ اينڊ ڊولپمينٽ آفيس ۾ وچ اوڀر، اتر آفريقا، افغانستان ۽ پاڪستان بابت مملڪتي وزير اسٽيفن ڊوٽي، قومي سلامتي جي صلاحڪار جوناٿن پاول، عالمي ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل ارسينيوڊو منگيز ۽ دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل شرلي ايوڪور بوچي سان ملاقاتون ڪيون. نائب وزيراعظم برطانوي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ پاڪستان ڄاون برطانوي پارليامينٽ ميمبرن سان به ملاقات ڪئي ۽ برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري سان به ڳالهيون ڪيون.