دفاع واري وفاقي وزير جو علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهور جو دورو، مسافرن کي ڏنيون ويندڙ سهولتن ۽ ترقياتي منصوبن جو جائزو

اسلام آباد/ لاهور -30 آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهورجو دورو ڪيو ۽ مسافرن جي سهولتن جي انتظامن ۽ جاري انفراسٽرڪچر جي ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو. ايئرپورٽ پهچڻ تي وفاقي وزير جي آجيان وقتي چيف آپريٽنگ آفيسر ايئرپورٽ مئنيجر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن ڪئي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب اي ايس ايف سيڪنڊ هولڊ (انٽرنيشنل) ايريا جي …

اسلام آباد/ لاهور -30 آگسٽ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه آصف علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ لاهورجو دورو ڪيو ۽ مسافرن جي سهولتن جي انتظامن ۽ جاري انفراسٽرڪچر جي ترقياتي منصوبن جو جائزو ورتو. ايئرپورٽ پهچڻ تي وفاقي وزير جي آجيان وقتي چيف آپريٽنگ آفيسر ايئرپورٽ مئنيجر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن ڪئي. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي پاران جاري ڪيل بيان موجب اي ايس ايف سيڪنڊ هولڊ (انٽرنيشنل) ايريا جي دوري دوران وفاقي وزير مسافر عورتن جي ڊگهي قطار جو نوٽيس ورتو ۽ مسافرن جي سهولتن ۽ ڪڪليئرنس جي عمل کي تيز ڪرڻ لاءِ اضافي سرچ ڪائونٽر کولڻ جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير نئين تعمير ٿيل اميگريشن ايريا جو پڻ دورو ڪيو، جتي هن اميگريشن ڪائونٽرز جو معائنو ڪيو ۽ جاري تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو. هن انٽرنيشنل ڊپارچر جوائنٽ سرچ ايريا ۽ ٻين مسافرن کي ڏنيون ويندڙ ٻين سهولتن جو پڻ معائنو ڪيو. گڏيل طور تي هن انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مسافرن جي سهولتن ۽ خدمتن جي اعليٰ معيار کي برقرار رکڻ تي زور ڀريو. بعد ۾ خواجه آصف تعمير هيٺ ڊومسٽڪ ڊپارچر جو پڻ دورو ڪيو ۽ جاري ترقياتي ڪم ۽ منصوبي تي اڳڀرائي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ورتي. وفاقي وزر ڊپارچر ڊراپ آف لين تي ٽريفڪ جي رش تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ٽريفڪ جي روانتي بهتر بڻائڻ لاءِ ان ۾ نمايان توسيع کي پڻ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ تي زور ڀريو.