خيبر پختونخوا جي گورنر پاران سوات ايڪسپريس وي تي ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

پشاور -30 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سوات ايڪسپريس وي تي ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خيبر پختونخوا جي گورنر جي پبلڪ رليشن آفيسر پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي حادثي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گورنر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ …

پشاور -30 آگسٽ (اي پي پي) خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سوات ايڪسپريس وي تي ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي انساني جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خيبر پختونخوا جي گورنر جي پبلڪ رليشن آفيسر پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي حادثي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گورنر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ لاڳاپيل ادارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گورنر چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ فوت ٿي ويل ماڻهن جي خاندانن سان ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. گورنر فوت ٿي ويلن جي درجن جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.