سعودي عرب جي علائقي نجران ۾ 18 لک سال قديم انساني آبادي جا آثار دريافت

رياض-30 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي صوبي نجران جي علائقي شعب دحضه مان 19 لک سال قديم انساني آبادي جا آثار دريافت ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي هيريٽيج ڪميشن انهن قديمي آثارن کي ڏکڻ عرب ۾ انساني آبادي ۽ هجرت جي شروعاتي دور جو اهم ثبوت قرار ڏنو آهي. هتان مليل پٿر جا اوزار شروعاتي حجري (لوئر پيليوليٿڪ) دور جا آهن جيڪي 1.2 کان 1.8 ملين سال …

رياض-30 آگسٽ (اي پي پي) سعودي عرب جي صوبي نجران جي علائقي شعب دحضه مان 19 لک سال قديم انساني آبادي جا آثار دريافت ٿيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي هيريٽيج ڪميشن انهن قديمي آثارن کي ڏکڻ عرب ۾ انساني آبادي ۽ هجرت جي شروعاتي دور جو اهم ثبوت قرار ڏنو آهي. هتان مليل پٿر جا اوزار شروعاتي حجري (لوئر پيليوليٿڪ) دور جا آهن جيڪي 1.2 کان 1.8 ملين سال پراڻا آهن. 1980ع ۾ ڪيل سروي دوران وادي جي هڪ بلند سطح تان پٿر جي 34 اوزارن جو هڪ مجموعو مليو جيڪي سخت ۽ لچدار ڪوارٽزائٽ سان ٺهيل هئا. انهن اوزارن ۾ مختلف قسم جا ڪٽر، کرچڻي، بليڊ ۽ هٿوڙا شامل آهن جن کي گوشت ڪٽڻ، هڏا ٽوڙڻ ۽ کل لاهڻ جهڙن مختلف ڪمن لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.