پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ائٽمي تجربن جي خلاف عالمي ڏينهن ملهايو ويو

اسلام آباد- 29 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ائٽمي تجربن خلاف عالمي ڏينهن ڇنڇر تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿيندڙ ائٽمي تجربن سبب ماڻهن ۽ ماحوليات کي پهچندڙ نقصان جي حوالي سان عوامي شعور اجاڳر ڪرڻ سان گڏوگڏ ائٽمي تجربن جي پابندي جي جامع معاهدي (سي ٽي بي ٽي) بابت حمايت جي …

اسلام آباد- 29 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ائٽمي تجربن خلاف عالمي ڏينهن ڇنڇر تي ملهايو ويو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٿيندڙ ائٽمي تجربن سبب ماڻهن ۽ ماحوليات کي پهچندڙ نقصان جي حوالي سان عوامي شعور اجاڳر ڪرڻ سان گڏوگڏ ائٽمي تجربن جي پابندي جي جامع معاهدي (سي ٽي بي ٽي) بابت حمايت جي حوصلا افزائي به آهي. ان ڏينهن کي ملهائڻ جي تجويز قازقستان پيش ڪئي هئي ڇاڪاڻ ته سوويت يونين ان ڌرتي تي سڀ کان پهرين ايٽمي تجربو ڪيو هو. جنهن کانپوءِ اٽڪل 456 ايٽمي تجربا ڪيا ويا جن مان جرمني جيترو وڏو علائقو گدلو ٿي ويو ۽ 5 لک کان وڌيڪ ماڻهن جون زندگيون ۽ صحت متاثر ٿي. واضح رهي ته 1950ع کان وٺي 20 هين صدي جي آخر تائين آسٽريليا کان ويندي آمريڪا تائين زمين هيٺ، سمنڊ هيٺ ۽ زمين جي سطح تي ايٽمي هٿيارن جا هزارين تجربا ڪيا ويا. ايٽمي هٿيارن تي پابندي جي جامع معاهدي تي 153 ملڪن صحيحيون ڪيون پر ان کي عمل جوڳو نه ڪيو ويو. ايٽمي تجربن جي خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي سرڪاري، غير سرڪاري، نجي ادارن جي انتظام هيٺ منعقد مختلف تقريبن ۾ ايٽمي تجربن سان عوامي ۽ ماحوليات جي شعبن کي پهتل نقصان جي حوالي سان شعور اجاگر ڪيو ويو.