اي اين ايف جون منشيات اسمگلنگ خلاف ڪارروائيون، 75.57 ڪلوگرام منشيات هٿ، 3 جوابدار گرفتار

اسلام آباد - 29 آگسٽ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي هڪ ڪروڙ 20 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 75.57 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪارروائين ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ تي جده ويندڙ مسافر جي پيٽ مان 126 گرام وزني 17 ڪوڪين سان …

اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) اينٽي نارڪوٽڪس فورس ملڪ جي مختلف شهرن ۾ منشيات اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون ڪندي هڪ ڪروڙ 20 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي 75.57 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ڇنڇر ڏينهن اي اين ايف ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪارروائين ۾ اسلام آباد ايئرپورٽ تي جده ويندڙ مسافر جي پيٽ مان 126 گرام وزني 17 ڪوڪين سان ڀريل ڪيپسول هٿ ڪيا ويا. جناح ايئرپورٽ تي بحرين ويندڙ مسافر جي بيگ مان 627 گرام هيروئن هٿ ڪري نشاندهي تي هڪ ٻئي جوابدار کان 200 گرام آئيس هٿ ڪئي وئي. دالبندين ڊسٽرڪٽ چاغي ۾ گاڏي مان 75 ڪلوگرام آفيم هٿ ڪيو ويو. اسپيني روڊ ڪوئٽا ڪوريئر آفيس ۾ پارسل ۾ ڪاسميٽڪ مان 1.4 ڪلو چرس هٿ ڪيو ويو. يونيورسٽي روڊ پشاور ڪوريئر آفيس ۾ سب مرسيبل واٽر پمپ مان 35 گرام آفيم، 180 گرام وزني 260 ايڪسٽيسي ٽيبليٽ هٿ ڪيون ويون. ڪارروائين جو منشيات جي روڪٿام واري ايڪٽ 1997ع تحت ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.