واشنگٽن - 29 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا ايران خلاف نئين اقتصادي پابندين جو اعلان ڪندي گڏيل عرب امارات ۾ قائم بئنڪ مصر يو اي اي جي آمريڪي مالياتي ادارن تائين لک پڙهه تي ٻڌل بينڪاري تائين پهچ ختم ڪرڻ لاءِ ضابطا تجويز ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي کاتي جي فنانشل ڪرائمز انفورسمينٽ نيٽ ورڪ اهو قدم ايران خلاف نئين پابندين جي مهم آپريشن اڪنامڪ آئوٽ ڪاسٽ تحت …
آمريڪا پاران ايران خلاف نئين اقتصادي پابندين جو اعلان
واشنگٽن – 29 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪا ايران خلاف نئين اقتصادي پابندين جو اعلان ڪندي گڏيل عرب امارات ۾ قائم بئنڪ مصر يو اي اي جي آمريڪي مالياتي ادارن تائين لک پڙهه تي ٻڌل بينڪاري تائين پهچ ختم ڪرڻ لاءِ ضابطا تجويز ڪيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ناڻي کاتي جي فنانشل ڪرائمز انفورسمينٽ نيٽ ورڪ اهو قدم ايران خلاف نئين پابندين جي مهم آپريشن اڪنامڪ آئوٽ ڪاسٽ تحت ڪيو. آمريڪي ناڻي واري وزير اسڪاٽ بيسنٽ چيو ته ايران جي باقي رهيل اقتصادي سرگرمين جا ذريعا به ختم ڪيا ويندا ۽ ايران جي مدد ڪندڙ ادارن کي آمريڪي ڊالر ۽ عالمي مالياتي نظام تائين پهچ کان محروم ڪيو ويندو. آمريڪي ناڻي کاتي جي موجب بئنڪ مصر يو اي اي ايران جي آمريڪي ڊالر تائين پهچ جو هڪ اهم ذريعو آهي ۽ جنوري 2024ع کان جون 2026ع دوران ان 103 ڪمپنين لاءِ اٽڪل 1.8 ارب ڊالرن جي ڏيتي ليتي ڪئي. جنهن بابت آمريڪي عملدارن جو چوڻ آهي ته هو ايران جي ڳجهي بينڪاري نيٽ ورڪس جو حصو ٿي سگهن ٿا.












