گڏيل قومون- 29 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ائٽمي هٿيارن جي تجربن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ لکيو ته ائٽمي تجربن اعتماد کي تباهه، ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ کي وڌائڻ ۽ انهن معاشرن سان غداري جي برابر آهن جيڪي اڄ به ماضي جي ائٽمي تجربن جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهن. هن ائٽمي …
گڏيل قومن پاران ائٽمي تجربا روڪڻ تي زور
گڏيل قومون- 29 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ائٽمي هٿيارن جي تجربن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ لکيو ته ائٽمي تجربن اعتماد کي تباهه، ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ کي وڌائڻ ۽ انهن معاشرن سان غداري جي برابر آهن جيڪي اڄ به ماضي جي ائٽمي تجربن جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهن. هن ائٽمي هٿيار رکندڙ سمورين رياستن تي زور ڀريو ته هو ائٽمي تجربن تي لاڳو پابندين جي پاسداري ڪن ۽ ائٽمي تجربن تي پابندي جي معاهدي تي عملدرآمد ڪن. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل وڌيڪ چيو ته اچو ته ائٽمي تجربن جي خاتمي جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون.












