هيٽي گينگ قتل عام تي پاڪستان پاران سلامتي ڪائونسل کان فوري قدم کڻڻ جو مطالبو

گڏيل قومون - 29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هيٽي ۾ گينگ تشدد جي تازي واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 47 ماڻهن جي مارجڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان ملڪ ۾ عالمي مدد فوري طور تي مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته هيٽي جي صورتحال ۾ بدقسمتي …

گڏيل قومون – 29 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان هيٽي ۾ گينگ تشدد جي تازي واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 47 ماڻهن جي مارجڻ کان پوءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان ملڪ ۾ عالمي مدد فوري طور تي مقرر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد چيو ته هيٽي جي صورتحال ۾ بدقسمتي سان بهتري ناهي ۽ تازا واقعا ملڪ جي عوام کي درپيش ڊگهي عرصي کان جاري واقعا سيڪيورٽي صورتحال جي سنگيني جو واضح ثبوت آهن. هن چيو ته گينگ شهرين کي نشانو بڻائي سنگين حملا ڪري رهي آهي. جنهن سان عورتون ۽ ٻار متاثر ٿي رهيا آهن. هن زور ڀريو ته سيپٽمبر 2025ع ۾ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ تحت قائم گهڻ قومي گينگ اسپريشن فورس جي مڪمل مقرري ۾ لاجسٽڪ مسئلا ختم ڪيا وڃن. سفير عاصم افتخار احمد چيو ته گينگ گروپن جي حوصلا شڪني ۽ عوام ۾ تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻ لاءِ جي ايس ايف جي وقت سر مقرري ۽ انهن ضروري وسيلن جي فراهمي انتهائي اهم آهي. هن چيو ته هيٽي ۾ محفوظ ماحول جي قيام لاءِ غيرقانوني هٿيارن جي رسد فوري طور تي روڪڻي پوندي. هن چيو ته هيٽي جي لاءِ عالمي حمايت ضروري آهي جڏهن ته پائيدار حل لاءِ عدم استحڪام جي بنيادي سببن کي منهن ڏيڻو پوندو جنهن لاءِ هيٽي جي قيادت ۾ ۽ ملڪي حالتن موجب قدم کڻڻ ضروري آهن. ا جلاس کي بريفنگ ڏيندي هيٽي ۾ گڏيل قومن جي خاص نمائندي ڪارلوس روئيز ميسيو ڪينسڪوف ۾ گينگ حملي جي مذمت ڪئي، جتي 23 ۽ 24 آگسٽ وچ واري رات گهرن کي باهه ڏني وئي ۽ چرچ سميت مختلف هنڌن تي پناهه وٺندڙ ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو. هن اغوا ڪيل سمورن ماڻهن جي فوري ۽ غير مشروط آزادي جو مطالبو ڪيو. هن بڌايو ته اپريل کان جون 2026ع دوران هيٽي ۾ گينگ تشدد جي نتيجي ۾ هڪ هزار 408 ماڻهن فوت ۽ 656 زخمي ٿيا.