واشنگٽن - 29 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ 2028ع جي صدارتي چونڊن ۾ اميدوار بڻجڻ جي ارادي بابت آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ کي رد ڪندي ان کي 100 سيڪڙو غلط قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هيگسٿ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اين بي سي نيوز کي ان خبر جي ترديد کان آگاهه ڪيو هو، جڏهن ته ان باوجود …
آمريڪا جي دفاع واري وزير 2028ع جي صدارتي چونڊ ۾ حصو وٺڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي
واشنگٽن – 29 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ 2028ع جي صدارتي چونڊن ۾ اميدوار بڻجڻ جي ارادي بابت آمريڪي ميڊيا جي رپورٽ کي رد ڪندي ان کي 100 سيڪڙو غلط قرار ڏنو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هيگسٿ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اين بي سي نيوز کي ان خبر جي ترديد کان آگاهه ڪيو هو، جڏهن ته ان باوجود اڻڄاتل ذريعن جو حوالو ڏئي رپورٽ شايع ڪئي وئي. ان کان اڳ اين بي سي نيوز ذريعن جي حوالي سان رپورٽ ڪيو هو ته هيگسٿ پنهنجي ويجهن ساٿين سان گڏ 2028ع جي صدارتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي امڪان تي ڳالهيون ڪيون آهن. رپورٽ موجب واشنگٽن پوسٽ به ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو هو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ري پبلڪن پارٽي جي عطيو ڏيندڙن سان نجي ڳالهه ٻولهه ۾ ايندڙ صدارتي چونڊ لاءِ نائب صدر جي ڊي وينس کي اميدوار طور ڏسڻ جي خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.












