نيويارڪ - 29 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي وفاقي جج صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران هش مني ڪيس کي رياستي عدالت مان وفاقي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو. جنهن سان هن جي ڏوهاري سزا ختم ڪرائڻ جي ڪوششن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڇيهو رسيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ جي آمريڪي ضلعي عدالت جي جج ايلون هيلر اسٽائن قرارڏنو ته ٽرمپ پاران درخواست …
آمريڪي وفاقي جج ٽرمپ جي هش مني ڪيس جي سزا ختم ڪرائڻ جي ڪوشش هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏي
نيويارڪ – 29 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي وفاقي جج صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران هش مني ڪيس کي رياستي عدالت مان وفاقي عدالت ڏانهن منتقل ڪرڻ جي درخواست کي هڪ ڀيرو ٻيهر رد ڪري ڇڏيو. جنهن سان هن جي ڏوهاري سزا ختم ڪرائڻ جي ڪوششن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڇيهو رسيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب نيويارڪ جي آمريڪي ضلعي عدالت جي جج ايلون هيلر اسٽائن قرارڏنو ته ٽرمپ پاران درخواست ٻيهر داخل ڪرڻ جا سبب نه ته نوان آهن ۽ نه ئي قانوني طور تي ڪافي آهن. ٽرمپ کي مئي 2024ع ۾ فحش فلمن جي اداڪاره اسٽورمي ڊينيئلز کي هڪ لک 30 هزار ڊالر جي رقم جي ادائگي بابت ڪاروباري ڪارڊ ۾ جعلسازي جي 34 الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويو هو. جج هيلر اسٽائن پنهنجي فيصلي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته اهو ڪيس ٽرمپ جي صدارتي فرضن بابت نه پر ان جي ذاتي طرز عمل بابت آهي.












