ڍاڪا - 29 آگسٽ (اي پي پي) بنگلاديش جي پرڏيهي وزير خليل الرحمان چيو آهي، ته مڪه معاهدي جي ميمبر ملڪن پاران شموليت جي دعوت ملي ته ڍاڪا ان تي هاڪاري انداز ۾ غور ڪندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي خليل الرحمان چيو ته بنگلاديش مڪه معاهدي کي هاڪاري نظر سان ڏسي ٿو، جڏهن ته معاهدي ۾ شموليت جو فيصلو ميمبر ملڪن جي خواهش ۽ دعوت سان مشروط …
بنگلاديش پاران مڪه معاهدي ۾ شموليت تي هاڪاري غور ڪرڻ جو اشارو
ڍاڪا – 29 آگسٽ (اي پي پي) بنگلاديش جي پرڏيهي وزير خليل الرحمان چيو آهي، ته مڪه معاهدي جي ميمبر ملڪن پاران شموليت جي دعوت ملي ته ڍاڪا ان تي هاڪاري انداز ۾ غور ڪندو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي خليل الرحمان چيو ته بنگلاديش مڪه معاهدي کي هاڪاري نظر سان ڏسي ٿو، جڏهن ته معاهدي ۾ شموليت جو فيصلو ميمبر ملڪن جي خواهش ۽ دعوت سان مشروط آهي. بنگلاديش جي پرڏيهي وزير چيو ته مڪه معاهدو مسلمان دنيا جي دفاع جو هڪ طريقيڪار آهي ۽ مسلم ملڪن جو اهم معاملو آهي. ان تي ڪنهن کي ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته مڪه معاهدي ۾ وڌيڪ ملڪن جي شموليت عالمي مسلم برادري جي دفاع لاءِ هڪ اهم قدم ثابت ٿي سگهي ٿي.












